ملڪ جي فوج سڄي پاڪستان جي محافظ آهي: حنيف عباسي

راولپنڊي-12 فيبروري (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته پاڪستاني فوج خلاف کنيل هر آڱر کي ڪٽڻو پوندو، اسان جي فوج سڄي پاڪستان جي محافظ آهي. راولپنڊي جي مقامي انجمن تاجران جي حلف برداري تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته محمود خان اچڪزئي فوج بابت غير ذميداراڻي ڳالهه ڪئي. سياستدان طور مان سندس عزت ڪندو هئس پر فوج جو مذاق بنائڻ ڪنهن …

راولپنڊي-12 فيبروري (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته پاڪستاني فوج خلاف کنيل هر آڱر کي ڪٽڻو پوندو، اسان جي فوج سڄي پاڪستان جي محافظ آهي. راولپنڊي جي مقامي انجمن تاجران جي حلف برداري تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته محمود خان اچڪزئي فوج بابت غير ذميداراڻي ڳالهه ڪئي. سياستدان طور مان سندس عزت ڪندو هئس پر فوج جو مذاق بنائڻ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهي. هن چيو ته اسان جي فوج هميشه ملڪ جي دفاع ۾ قربانيون ڏنيون آهن ۽ پوري قوم پنهنجي فوج سان گڏ آهي. حنيف عباسي چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ 10 مئي جي جنگ کٽڻ کانپوءِ ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ عزت ملي. اڄ جڏهن وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل پرڏيهه وڃن ٿا ته دنيا پاڪستان سان رابطا وڌائڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪري ٿي. هن چيو ته جي ايف-17 ٿنڊر جهازن جي خريداريءَ لاءِ مختلف ملڪ پاڪستان جو رُخ ڪري رهيا آهن جيڪي دفاعي شعبي ۾ ملڪ جي ڪاميابيءَ جو مظهر آهن. هن پنهنجي سياسي جدوجهد جو ذڪر ڪندي چيو ته کيس عمرقيد جي سزا ٻُڌائي وئي، سندن ٻارن تي ڪيس بڻايا ويا ۽ ملازمتن مان ڪڍيو ويو انهن همٿ نه هاري. هن چيو ته اسان سختيون برداشت ڪيون پر شڪوه نه ڪيو. وفاقي وزير چيو ته راولپنڊي جي چلڊرين اسپتال لاءِ 7 ارب رپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته ان کي هڪ سال تائين وزارت نه ملڻ جي به ڪا گلا ناهي. هن خاطري ڏياري ته ملڪ ۾ روزگار جو ڦيٿو هلايو ويندو ۽ هو سياستدان طور هميشه واپارين سان گڏ رهندو.