اسلام آباد - 12 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 2026ع ۾ پاڪستان جي ميزباني ۾ منعقد ٿيندڙ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي عورتن بابت نائين وزارتي ڪانفرنس جي تيارين بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ڪانفرنس جي ڪامياب …
اسحاق ڊار جي صدارت ۾ 2026ع ۾ پاڪستان جي ميزباني ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي جي عورتن بابت نائين وزارتي ڪانفرنس جي تيارين بابت اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 2026ع ۾ پاڪستان جي ميزباني ۾ منعقد ٿيندڙ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي عورتن بابت نائين وزارتي ڪانفرنس جي تيارين بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ڪانفرنس جي ڪامياب انعقاد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وقت سر رابطن کي يقيني بڻايو وڃي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار لاڳاپيل وزارتن ۽ سمورن حصيدارن کي هدايت ڪئي ته اهي او آءِ سي سيڪريٽريٽ سان ويجهي تعاون سان انتظامي ۽ لاجسٽڪ انتظامن ۽ موضوعاتي ترجيحن کي حتمي شڪل ڏين. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پرڏيهي سيڪريٽري سفير آمنه بلوچ، ڪابينا ڊويزن واري سيڪريٽري ۽ انساني حقن واري ڊويزن جي سيڪريٽري سميت ناڻي واري وزارت، گهرو ۽ ٻين لاڳاپيل وزارتن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.











