اسلام آباد - 12 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي ٻئي مقامي اليڪٽرو آپٽيڪل سيٽلائيٽ (اي او – 2) جي ڪامياب لانچنگ تي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اسپارڪو جي سائنسدانن، انجنيئرز ۽ محققين کي اي او – 2 جي تياري ۽ ڪامياب لانچ تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هن چيو ته چين جي حڪومت …
صدر پاران پاڪستان جي ٻئي مقامي اليڪٽرو آپٽيڪل سيٽلائيٽ (اي او – 2) جي ڪامياب لانچنگ تي قوم کي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي ٻئي مقامي اليڪٽرو آپٽيڪل سيٽلائيٽ (اي او – 2) جي ڪامياب لانچنگ تي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اسپارڪو جي سائنسدانن، انجنيئرز ۽ محققين کي اي او – 2 جي تياري ۽ ڪامياب لانچ تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هن چيو ته چين جي حڪومت ۽ ادارن جو ڪامياب لانچ ۾ تعاون تي دل سان ٿورا ادا ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي اسٽريٽجڪ حصيداري خلائي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي.











