قازقستان جي صدر جو پاڪستان جو هاڻوڪو دورو اسان جي ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ تاريخي سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو: وزيراعظم جو خاص مددگار فهد هارون

اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي ڊجيٽل ميڊيا بابت خاص مددگار فهد هارون چيو آهي ته قازقستان جي صدر جو پاڪستان جو هاڻوڪو دورو اسان جي ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ تاريخي سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، سفارتي ڪاميابي جي اصل پرک صرف صحيح ٿيل دستاويز ناهن پر انهن جو ٺوس نتيجن ۾ بدلجڻ آهي جيڪو اسان جي عوام لاءِ فائديمند هجن. پاڪستان – قازقستان لاڳاپن جو مستقبل …

اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي ڊجيٽل ميڊيا بابت خاص مددگار فهد هارون چيو آهي ته قازقستان جي صدر جو پاڪستان جو هاڻوڪو دورو اسان جي ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ تاريخي سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، سفارتي ڪاميابي جي اصل پرک صرف صحيح ٿيل دستاويز ناهن پر انهن جو ٺوس نتيجن ۾ بدلجڻ آهي جيڪو اسان جي عوام لاءِ فائديمند هجن. پاڪستان – قازقستان لاڳاپن جو مستقبل صرف پاليسين سان نه پر آخرڪار ماڻهن سان جڙندو. اهڙو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز ۽ قازقستان جي سفارتخاني جي سهڪار سان مقامي هوٽل ۾ منعقد ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ کي خطاب ڪندي فهد هارون چيو ته جمهوريه قازقستان جو صدر قاسم جومارت توقائيف جو پاڪستان جو هاڻوڪو دورو اسان جي ٻطرفي لاڳاپن ۾ هڪ تاريخي سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، هي دورو گڏيل ويزن، گڏيل اعتماد ۽ هم آهنگ قومي مفادن جو هڪ تزويراتي تجديد عهد هو، تزويراتي حصيداري بابت گڏيل پڌرنامي تي صحيحون پاڪستان – قازقستان لاڳاپن کي باضابطه طور تي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جو ثبوت آهن ۽ ڊگهي مدي واري تعاون لاءِ هڪ پائيدار سياسي فريم ورڪ فراهم ڪن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ قازقستان علائقي رابطن جا فطري حصيدار آهن، وچ ايشيا جي هڪ اهم مرڪز طور قازقستان جو ڪردار ۽ پاڪستان جي عربي سمنڊ تائين پهچ جي دروازي طور حيثيت هڪ ٻئي جي تڪميل ڪري ٿي، اچ وڃ، لاجسٽڪس ۽ سامونڊي تعاون جي شعبن ۾ طئي ٿيل وسيع معاهدا انهي تزويراتي منطق جي عڪاسي ڪن ٿا. قازقستان جي ريلوي ۽ لاجسٽڪس ادارن ۽ پاڪستان جي نيشنل لاجسٽڪس ڪارپوريشن وچ ۾ تعاون، آڪتائو کي ڪراچي ۽ گوادر سان ڳنڍڻ لاءِ گڏيل بندرگاهي انتظام ۽ ڊاڪ ۽ بحري عملدارن وچ ۾ بهتري تعاون اجتماعي طور تي هڪ هموار اتر- ڏکڻ رابطا راهداري کي فعال بڻائڻ جو هدف رکن ٿا. انهن قدمن ۾ ٽرانزٽ جي وقت ۽ لاڳت ۾ نمايان گهٽتائي، واپاري ڳاڻيٽي ۾ اضافو ۽ وچ ايشيا کي ڏکڻ ايشيا ۽ عالمي مارڪيٽن سان وڌيڪ گهرائي سان جامع ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، اهڙي طرح واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون جي شعبن ۾ طئي ٿيل معاهدا به نهايت اهميت وارا آهن، ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدو ۽ ڪسٽمز تعاون جو معاهدو دورانديشي جي قابل، محفوظ ۽ موثر واپاري وهڪري لاءِ سازگار فريم ورڪ فراهم ڪن ٿا، زرعي شعبو، وٽرنري سائنسز، نباتاتي تحفظ، ڪپهه جي تحقيق ۽ معيار بندي بابت مخصوص قدم اهڙن شعبن تي عملي ڌيان جي نشاندهي ڪن ٿا جتي شروعاتي ڪاميابيون حاصل ڪري سگهجن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان قازقستان کي صرف هڪ ٻطرفي حصيدار نه پر وچ ايشيا سان پنهنجي وسيع لاڳاپن جو هڪ اهم ٿنڀ سمجهي ٿو. تازو صدارتي دوري سان پيدا ٿيل رفتار کي برقرار رکڻ ۽ ان کي مستقل اڳڀرائي ۾ تبديل ڪرڻ ضروري آهي، ان لاءِ ٻنهي طرفن کان عزم، هم آهنگي ۽ تسلسل گهربل آهي.