اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۾ بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر محمد اقبال حسين خان چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جو عوام هڪٻئي سان محبت ڪري ٿو ۽ وڌيڪ ويجهن ناتن جي اميد آهي، پاڪستان سان مضبوط عوامي رابطا ۽ واپار ۾ واڌ ان جي سفارتي مشن جون ترجيحون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”اي پي پي“ کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ماربل …
پاڪستان وچ ايشيا، چين، اولهه ۽ ٻين ملڪن لاءِ گيٽ وي آهي: بنگلاديش جو هاءِ ڪمشنر محمد اقبال حسين خان

مزید خبریں
اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۾ بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر محمد اقبال حسين خان چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جو عوام هڪٻئي سان محبت ڪري ٿو ۽ وڌيڪ ويجهن ناتن جي اميد آهي، پاڪستان سان مضبوط عوامي رابطا ۽ واپار ۾ واڌ ان جي سفارتي مشن جون ترجيحون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”اي پي پي“ کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ماربل گرينائٽ، ڪوئلي سميت گهڻيون شيون آهن، زرعي پيداوار ۾ چانور، کنڊ ۽ ٻيون شيون ججهي مقدار ۾ آهن جن جي بنگلاديش ۾ تمام گهڻي طلب آهي. بنگلاديش ۾ انناس، انجنيئرنگ بابت شيون، ريڊي ميڊ ڪپڙا وغيره آهن. هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي واپار کي 5 ارب آمريڪي ڊالرن تائين وڌائي سگهجي ٿو. واپار جي ڳاڻيٽي کي وڌائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪافي جوش ڏٺو وڃي ٿو. پاڪستاني بنگلاديش جي ٽيڪسٽائل انڊسٽريءَ کي فني ڄاڻ، مشاورت، مشينري، سيڙپڪاري ۽ تجربو فراهم ڪري رهيا آهن، سندن ان معيشت ۾ تمام اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پاڪستان وچ ايشيا، چين، اولهه ۽ ٻين ملڪن لاءِ گيٽ وي آهي. بنگلاديش ۾ تيار ٿيل عورتن جي ڪپڙن کي پاڪستان ۾ پسند ڪيو ويندو آهي. هڪٻئي جو ساٿ ڏئي اسان عالمي مارڪيٽن ۾ پنهنجي رسائيءَ کي وڌائي سگهون ٿا. هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان اعليٰ معيار جي ڪپهه پيدا ڪري ٿو جڏهن ته بنگلاديش اڃا تائين ڪپهه پيدا نٿو ڪري. مجموعي طور تي مان اهو چئي سگهان ٿو ته ٻنهي ملڪن جي ٽيڪسٽائل ۽ گارمينٽس سيڪٽر ۾ ترقيءَ جي وڏي صلاحيت موجود آهي. پاڪستان ۽ بنگلاديش سارڪ، ڊي-8 ملڪن جا ميمبر به آهن ۽ انهن وٽ ترجيحي واپار لاءِ ڪجهه انتظام آهن پر ان کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هاءِ ڪمشنر بنگلاديش ۽ پاڪستان ٻنهي ۾ سياحت جي وڏي صلاحيت، خوبصورت منظر، تاريخي، سامونڊي علائقا، ميداني علائقا ۽ پهاڙ ۽ سياحن لاءِ مختلف ٻيا منفرد دلچسپيءَ جا موقعا آهن. هن چيو ته بنگلاديش جو نوجوان نسل پاڪستان جو دؤرو ڪرڻ پسند ڪن ٿا. مون کي يقين آهي ته اسان جي ويجهن ناتن سبب ٻنهي ملڪن جي سياحت جي شعبن ۾ خاطر جوڳي ترقي ٿيندي.











