وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري سان ڏکڻ ۽ وچ ايشيا بابت آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جي ڊپٽي اسسٽنٽ جي ملاقات

اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري سان ڏکڻ ۽ وچ ايشيا بابت آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جي ڊپٽي اسسٽنٽ جان مارڪ پومر شائم اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ علائقائي صورتحال، داخلي سيڪيورٽي ۽ معاشي ڀائيواريءَ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر، گهرو وفاقي سيڪريٽري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا. …

اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري سان ڏکڻ ۽ وچ ايشيا بابت آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جي ڊپٽي اسسٽنٽ جان مارڪ پومر شائم اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ علائقائي صورتحال، داخلي سيڪيورٽي ۽ معاشي ڀائيواريءَ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر، گهرو وفاقي سيڪريٽري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا. آمريڪي صلاحڪار اسلام آباد ۽ ڪوئيٽه ۾ تازن دهشتگردن حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ متاثر ڪٽنبن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. ڌُرين دهشتگرديءَ جي خاتمي ۽ داخلي سيڪيورٽي جي شعبن ۾ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان جي مائيننگ، منرلز ۽ توانائي جي شعبن ۾ آمريڪي سيڙپڪاري ۽ ڀائيواريءَ کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات دوران ڳالهيون ڪندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته دهشتگردي هڪ عالمي چئلينج آهي جنهن جي خاتمي لاءِ عالمي سهڪار اڻٽر آهي ۽ ان سلسلي ۾ آمريڪا سان ناتا مُک حيثيت رکن ٿا. هن خاطري ڪرائي ته پاڪستان ۾ آمريڪي سيڙپڪارن کي محفوظ ترين ماحول فراهم ڪيو ويندو ۽ اسان مائيننگ ۽ توانائي جي شعبن ۾ آمريڪي سيڙپڪاريءَ جي ڀرپور آجيان ڪريون ٿا. جان مارڪ پومر شائم ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا، پاڪستان سان پنهنجن ناتن کي نهايت اهميت جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي جاري رکڻ جو خواهشمند آهي.