اسلام آباد - 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زراعت جي شعبي ۾ پاڪستان جي بي شمار وسيلن ۽ صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي ۽ دوست ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪيه جي زرعي ٽيڪنالاجيز ڪلسٽر (ٽي يو ايم اي) جي …
وزيراعظم پاران زراعت جي شعبي ۾ پاڪستان جي بي شمار وسيلن ۽ صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي ۽ دوست ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون جي ضرورت تي زور

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زراعت جي شعبي ۾ پاڪستان جي بي شمار وسيلن ۽ صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي ۽ دوست ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪيه جي زرعي ٽيڪنالاجيز ڪلسٽر (ٽي يو ايم اي) جي بورڊ چيئرمين عبدالقادر قاراگوز جي سربراهي ۾ 4 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم وفد سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ترڪيه سان پنهنجي مثالي ڀائراڻي لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوطي سان گڏوگڏ حصيداري جي فروغ جو پڻ خواهشمند آهي. وزيراعظم ترڪيه سميت ٻين ملڪن ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ زرعي ماهرن جي ڪري زرعي شعبي ۾ جدت سان فائدو کڻڻ جي لاءِ گڏيل تعاون کي وڌائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ زراعت جي شعبي ۾ پاڪستان جي بي شمار وسيلن ۽ صلاحيتن کي اسدتعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي ۽ دوست ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن چيو ته ڀائر ملڪ ترڪيه سان زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. هن چيو ته ترڪيه جي زرعي جنسن ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ٿيندڙ ترقي وانگر پاڪستان جي زرعي شعبي کي جدت سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم چيو ته قدرت پاڪستان کي زرعي شعبي ۾ تمام گهڻن وسيلن سان نوازيو آهي ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻي انهن وسيلن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون جاري آهن. ان موقعي تي گروپ جي چيئرمين عبدالقادر چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان گڏجي گلوبل فوڊ ويليو چين ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي ڀائراڻي قيادت ڪاروباري ماڻهن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ مشعل راهه آهي. ملاقات دوران ٽي يو ايم اي جي بورڊ چيئرمين عبدالقادر قاراگوز پنهنجي فرم ۾ پيداوار وڌائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال تي بريفنگ ڏني. هن پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوغلو، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، وزيراعظم جي صلاحڪارن سيد طارق فاطمي ۽ هارون اختر ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.











