اسلام آباد - 12 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ رياستي ملڪيت جي ادارن جي نجڪاري ۾ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس دوران ڪميٽي جاري قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ شفاف، چٽاڀيٽي ۽ موثر نجڪاري عمل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڳتي جي حڪمت عملي تي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ رياستي ملڪيت جي ادارن جي نجڪاري ۾ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ رياستي ملڪيت جي ادارن جي نجڪاري ۾ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس دوران ڪميٽي جاري قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ شفاف، چٽاڀيٽي ۽ موثر نجڪاري عمل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڳتي جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم منصفاڻي مارڪيٽ ويليو ايشن جي اهميت تي زور ڏنو جيڪا اثاثن سان گڏوگڏ مستقبل جي ڪاروباري صلاحيت جي صحيح عڪاسي ڪري. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته نجڪاري جو مقصد نجي شعبي جي سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ ۽ ادارن کي مارڪيٽ جي گهرجن موجب وڌيڪ موثر انداز ۾ ڪم ڪرڻ جي قابل بڻائڻ آهي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير، واپار واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي نجڪاري واري خاص معاون، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، وزيراعظم جي صلاحڪار، اٽارني جنرل، نجڪاري واري سيڪريٽري ۽ دفاع واري سيڪريٽري شرڪت ڪئي.











