عورتن جي معاشي ۽ سياسي شموليت ملڪي ترقي لاءِ ضروري آهي: قومي اسيمبلي جو اسپيڪر

اسلام آباد-12 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته ملڪي آبادي جو وڏو حصو عورتن تي ٻڌل آهي ان لاءِ عورتن جي معاشي ۽ سياسي شموليت ملڪي ترقي لاءِ ضروري آهي. عورتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته عورت ميمبرز قانونسازي ۾ فعال ۽ موثر ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، ويمن پارليامينٽري ڪاڪس عورتن جي حقن جي …

اسلام آباد-12 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته ملڪي آبادي جو وڏو حصو عورتن تي ٻڌل آهي ان لاءِ عورتن جي معاشي ۽ سياسي شموليت ملڪي ترقي لاءِ ضروري آهي. عورتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته عورت ميمبرز قانونسازي ۾ فعال ۽ موثر ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، ويمن پارليامينٽري ڪاڪس عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ سرگرم عمل آهي، پارليامينٽ عورتن جي تحفظ ۽ کين بااختيار بڻائڻ لاءِ اهم قانونسازي ڪري رهي آهي. نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم روشن مستقبل جي ضمانت آهن. سردار اياز صادق چيو ته پائيدار ترقي لاءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ضروري آهي، پاڪستان جي ترقي ۾ عورتن جو اهم ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، فاطمه جناح ۽ بينظير ڀٽو سميت عورت اڳواڻن جون خدمتون تاريخ جو روشن باب آهن. مريم نواز ڪارڪردگي سان ثابت ڪيو ته عورتون هر شعبي ۾ قيادت ڪري سگهن ٿيون. تعليم، صحت ۽ معيشت ۾ پاڪستاني عورتن جون نمايان خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عورتن لاءِ هڪجهڙن موقعن ۽ محفوظ ماحول جي فراهمي ضروري آهي.