اسلام آباد- 12 فيبروري (اي پي پي) ڪشمير، گلگلت بلتستان ۽ سيفران جي وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سان گڏيل قومن جي ڊپٽي اسپيشل ريپريزنٽيٽو اندريڪا راتواتي جي سربراهي ۾ وفد خميس تي وزارت ۾ ملاقات ڪئي جنهن دوران پناهگيرن ۽ علائقائي سهڪار بابت ڳالهيون ڪيون ويون. جاري ڪيل بيان موجب ملاقات دوران وفاقي وزير انجنيئر امير مقام پناهگيرن جي ميزباني ۾ پاڪستان جي ڊگهي ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو …
وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سان گڏيل قومن جي ڊپٽي اسپيشل ريپريزنٽيٽو جي سربراهي ۾ وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 فيبروري (اي پي پي) ڪشمير، گلگلت بلتستان ۽ سيفران جي وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سان گڏيل قومن جي ڊپٽي اسپيشل ريپريزنٽيٽو اندريڪا راتواتي جي سربراهي ۾ وفد خميس تي وزارت ۾ ملاقات ڪئي جنهن دوران پناهگيرن ۽ علائقائي سهڪار بابت ڳالهيون ڪيون ويون. جاري ڪيل بيان موجب ملاقات دوران وفاقي وزير انجنيئر امير مقام پناهگيرن جي ميزباني ۾ پاڪستان جي ڊگهي ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته ملڪ 4 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين افغان پناهگيرن جي کليل دل سان ميزباني ڪئي آهي جنهن مان معاشي ۽ سيڪيورٽي چئلينجز باوجود انساني همدردي جي عزم جي عڪاسي ٿئي ٿي.وفاقي وزير ان ڳالهه جو عزم ڪيو ته پاڪستان عالمي اصولن ۽ ٻه طرفي مفاهمت مطابق پناهگيرن جي محفوظ ، باوقار ،منظم ۽ رضاڪاراڻي واپسي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان موثر واپسي جي انتظام لاءِ مضبوط سرحد پار رابطا ڪاري ۽ درست انگن اکرن جي مٽا سٽا جي اهميت کي تسليم ڪري ٿو. لڳاتار سهڪار جي آجيان ڪندي وفاقي وزير گڏيل قومن سان فني سطح تي رابطا وڌائڻ ۽ پناهگيرن جي واپسي جي نظام ۽ طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي راضپي جو اظهار ڪيو. اندريڪا راتواتي پناهگيرن جي حوالي سان پاڪستان جي ڪيترن ئي ڏهاڪن تي مشتمل مهمان نوازي جي تعريف ڪئي. ان موقعي تي سيفران، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جو سيڪريٽري ظفر حسن، پاڪستان ۾ يو اين ايڇ سي آر جو نمائندو فليپا ڪينڊلر پڻ مو جود هئا.











