صدر آصف علي زرداري ايڊيشنل اٽارنيز جنرل جي لاءِ خصوصي الائونسز جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد - 12 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سفارش تي ايڊيشنل، ڊپٽي ۽ اسسٽنٽ اٽارنيز جنرل جي ملازمت جي شرطن ۽ ضابطن ۾ ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب هن ترميم تحت ايڊيشنل اٽارنيز جنرل لاءِ اسپيشل ايڊيشنل اي جي الائونس متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو اسسٽنٽ اٽارني جنرل طور ڏهه سال يا ان کان …

اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سفارش تي ايڊيشنل، ڊپٽي ۽ اسسٽنٽ اٽارنيز جنرل جي ملازمت جي شرطن ۽ ضابطن ۾ ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب هن ترميم تحت ايڊيشنل اٽارنيز جنرل لاءِ اسپيشل ايڊيشنل اي جي الائونس متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو اسسٽنٽ اٽارني جنرل طور ڏهه سال يا ان کان وڌيڪ عرصي تائين خدمتون سرانجام ڏيندڙ آفيسرن جي لاءِ هُوندو. اهو قدم لا آفيسرن جي ڪيڊر ۾ مسلسل خدمتن کي تسليم ڪرڻ ۽ اسسٽنٽ اٽارني جي عُهدي تي هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي تائين خدمتون سرانجام ڏيندڙ آفيسرن جي لاءِ مالي مراعتن جي مناسب انتظام کي يقيني بڻائڻ لاءِ کنيو ويو آهي. اها ترميم منظور ٿيل سمري مُوجب لاڳو ٿيندي.