اسلام آباد - 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هر قسم جي انتهاپسندي، دهشتگردي، نفرت ۽ پرتشدد نظرين خلاف قومي جدوجهد کي پوري طاقت سان جاري رکڻ جي پنهنجي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستان ڏهاڪن کان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف بي مثال قربانيون ڏئي رهيو آهي، عالمي برادري کي ڊگهي عرصي کان هلندڙ تڪرارن جو منصفاڻي ۽ پرامن حل ڳولڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا …
وزيراعظم پاران هر قسم جي انتهاپسندي، دهشتگردي، نفرت ۽ پرتشدد نظرين خلاف قومي جدوجهد کي پوري طاقت سان جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هر قسم جي انتهاپسندي، دهشتگردي، نفرت ۽ پرتشدد نظرين خلاف قومي جدوجهد کي پوري طاقت سان جاري رکڻ جي پنهنجي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستان ڏهاڪن کان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف بي مثال قربانيون ڏئي رهيو آهي، عالمي برادري کي ڊگهي عرصي کان هلندڙ تڪرارن جو منصفاڻي ۽ پرامن حل ڳولڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب، وزيراعظم محمد شهباز شريف اهڙن خيالن جو اظهار تشدد تي ٻڌل انتهاپسندي جي خاتمي جي عالمي ڏينهن (12 فيبروري) جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته تشدد تي ٻڌل انتهاپسندي جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان پنهنجي عزم کي ورجائي ٿو ته اسان هر قسم جي انتهاپسندي، دهشتگردي، نفرت ۽ تعصب ۽ تشدد واري نظرين خلاف پنهنجي قومي جدوجهد پوري طاقت سان جاري رکنداسين. هن چيو ته انتهاپسندي ۽ تشدد جا نظريا نه رڳو معاشرن جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائين ٿا پر انسانيت، رواداري، برداشت ۽ گڏيل احترام جهڙين بنيادي انساني قدرن کي به ڪمزور ڪن ٿا. پاڪستان گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ دهشتگردي ۽ تشدد واري انتهاپسندي خلاف بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. اسان جي بهادر سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ شهرين جون قربانيون اسان جي قومي عزم جو روشن مثال ۽ فخر جو سبب آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسلام هڪ امن پسند مذهب آهي جيڪو اعتدال، رواداري، ڳالهه ٻولهه ۽ انساني زندگي جي احترام جو درس ڏئي ٿو. اسان کي نوجوان نسل کي تعليم، موقعا ۽ مثبت سوچ فراهم ڪندي انتهاپسنداڻين نظرين کان محفوظ بڻائڻو پوندو. هن سماجي انصاف، معاشي شموليت ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي پائيدار امن جو بنياد قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ان ڳالهه تي به زور ڏئي ٿو ته دنيا ۾ جاري ناانصافيون، ڊگھا تڪرار ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزيون انتها پسندي ۽ تشدد کي جنم ڏين ٿيون. عالمي منظرنامي تي ڊگهي عرصي کان حل نه ٿيندڙ تڪرار، جن ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ جمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين ۾ معصوم شهرين خلاف رياستي ظلم ۽ ڏاڍ، بنيادي حقن جُون پاماليُون پڻ انتهاپسند رويي جُون عڪاس آهن. پاڪستان عالمي برادري تي زور ڏئي ٿو ته هُو انهن ڊگهي عرصي کان هلندڙ تڪرارن جي منصفاڻي ۽ پرامن حل لاءِ اثرائتا قدم کڻي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان عالمي برادري سان گڏجي گڏيل حڪمت عملي، تعاون ۽ ڀائيواري ذريعي پرتشدد انتهاپسندي جي خاتمي ۽ هڪ منصفاڻو ۽ پرامن عالمي نظام قائم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. اچو ته اڄ جي ڏينهن اسان سڀ گڏجي هڪ پرامن، محفوظ ۽ هم آهنگ مُعاشري جي تعمير جو وچن ڪريون.











