صدر آصف علي زرداري پاران بنگلاديش جي حڪومت ۽ عوام لاءِ قومي چونڊن جي موقعي تي نيڪ خواهشن جو اظهار

اسلام آباد- 12 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بنگلاديش جي حڪومت ۽ عوام لاءِ قومي چونڊن جي موقعي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي جتي 127 ملين کان وڌيڪ ووٽر اڄ قومي پارليامينٽ جي 300 سيٽن لاءِ پنهنجن نمائندن جي چونڊ ۾ حصو وٺي رهيا آهن. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر اميد ظاهر ڪئي ته چونڊ عمل جمهوري …

اسلام آباد- 12 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بنگلاديش جي حڪومت ۽ عوام لاءِ قومي چونڊن جي موقعي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي جتي 127 ملين کان وڌيڪ ووٽر اڄ قومي پارليامينٽ جي 300 سيٽن لاءِ پنهنجن نمائندن جي چونڊ ۾ حصو وٺي رهيا آهن. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر اميد ظاهر ڪئي ته چونڊ عمل جمهوري ادارن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو ۽ بنگلاديش ۾ امن، استحڪام ۽ مسلسل ترقي جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. صدر بنگلاديش جي عوام ۽ انهن جي جمهوري خواهشن لاءِ پاڪستان جي نيڪ خواهشن ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو.