پاڪستان ۽ آمريڪا جو اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ ويجها رابطا جاري رکڻ تي اتفاق

اسلام آباد- 11 فيبروري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان آمريڪا جي ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي معاملن بابت پرڏيهي کاتي جي نائب مددگار جان مارڪ پومرشيم ۽ پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي ناظم الامور نيتالي بيڪر ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزير آمريڪي عملدار جي آجيان ڪندي پاڪستان جي اقتصادي ترقيءَ ۾ آمريڪا جي پُراڻي سهڪار ۽ شراڪت کي ساراهيو. هن خاص طور تي گهڻ رُخي مالياتي …

اسلام آباد- 11 فيبروري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان آمريڪا جي ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي معاملن بابت پرڏيهي کاتي جي نائب مددگار جان مارڪ پومرشيم ۽ پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي ناظم الامور نيتالي بيڪر ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزير آمريڪي عملدار جي آجيان ڪندي پاڪستان جي اقتصادي ترقيءَ ۾ آمريڪا جي پُراڻي سهڪار ۽ شراڪت کي ساراهيو. هن خاص طور تي گهڻ رُخي مالياتي فريم ورڪس ۾ سهڪار کي قدر جوڳو قرار ڏنو. ڌُرين پاڪستان جي معاشي صورتحال، سڌارن جي ايجنڊا ۽ ٻه طرفي اقتصادي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي موقعن تي ڳالهيون ڪيون. ناڻي واري وزير وفد کي پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ۽ سڌارن جي عمل ۾ ٿيل اڳڀرائيءَ بابت آگاهه ڪندي پائيدار ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل ترقيءَ طرف منتقلي تي ڌيان ڏيڻ جي حڪومتي ويزن جي وضاحت ڪئي. هن ٻُڌايو ته مالياتي خساري ۾ گهٽتائي آئي، پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي ۾ مضبوط اضافو ۽ آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اؤسر سبب جاري کاتا بهتر ٿيا آهن، جڏهن ته ڪريڊٽ ريٽنگز ۾ به هاڪاري اڳڀرائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت مالياتي نظم و ضبط، پرڏيهي شعبي جي استحڪام ۽ پائيدار ترقيءَ کي سهارو ڏيندڙ ڍانچي جاتي سڌارن جي عمل کي جاري رکندي. هن ٻُڌايو ته سرڪاري ملڪيتي ادارن ۾ سڌارا ۽ سرڪاري شعبي جي ڪاٿي ۾ گهٽتائيءَ جي عمل کي تيز ڪيو پيو وڃي ته جيئن ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري ۽ مالياتي خطرن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي. ناڻي واري وزير سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد جو ذڪر ڪيو ۽ تازي مقامي سيڙپڪاريءَ جي قدمن ۽ نجي شعبي جي وڌندڙ شموليت کي ان جو مثال قرار ڏنو. آمريڪا جي پرڏيهي وزير جي نائب مددگار مالياتي استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ اهم معاشي انگن اکرن ۾ بهتريءَ جي آجيان ڪئي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته آمريڪا هڪ مستحڪم ۽ خوشحال پاڪستان کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ سيڙپڪاريءَ جي ماحول کي بهتر بنائڻ ٻنهي ملڪن جي گڏيل ترجيح آهي. هن چيو ته آمريڪي ڪاروباري ادارا سڌاراتي عمل جو جائزو وٺي رهيا آهن ۽ پاليسين ۾ تسلسل، واپاري سرگرمين کي وڌيڪ هٿي ڏيندو. ناڻي واري وزير غير ملڪي سيڙپڪاري جي سهولتڪاري ۽ آمريڪي ڪاروباري برادريءَ سان مسلسل رابطا برقرار رکڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن نجڪاريءَ جي حوالي سان حڪومتي عزم جو به ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته ان عمل کي تيزيءَ سان اڳتي وڌايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته تازي اڳڀرائي، سڌارن ۽ نجي شعبي جي شموليت جي حوالي سان حڪومت جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي. ڌُرين تعميري ڳالهين کي ساراهيو ۽ پاڪستان آمريڪا اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ ويجها رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.