اسلام آباد - 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترلائي ۾ امام بارگاهه تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتين جي لاءِ 50 لک في ڪس، شديد زخمين جي لاءِ 30 لک في ڪس، معمولي زخمين جي لاءِ 10 لک في ڪس ۽ حملي آور کي روڪندي پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪندڙ عون عباس جي گهرڀاتين جي لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا امداد جو اعلان ڪندي چيو …
دهشتگردن جو نه ڪو دين آهي نه مذهب، دشمن جي قومي اتحاد ۽ يڪجهتي کي ڪمزور ڪرڻ جي ناپاڪ سازش ناڪام ٿي وئي: وزيراعظم شهباز شريف جي امام بارگاهه خديجته الڪبريٰ جي دوري جي موقعي تي شهيدن جي پونيئرن ۽ گهرڀاتين سان ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترلائي ۾ امام بارگاهه تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتين جي لاءِ 50 لک في ڪس، شديد زخمين جي لاءِ 30 لک في ڪس، معمولي زخمين جي لاءِ 10 لک في ڪس ۽ حملي آور کي روڪندي پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪندڙ عون عباس جي گهرڀاتين جي لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا امداد جو اعلان ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جو نه ڪو دين آهي نه مذهب، دشمن جي قومي اتحاد ۽ يڪجهتي کي ڪمزور ڪرڻ جي ناپاڪ سازش ناڪام ٿي وئي، دهشتگردن جي خلاف جهاد ڪرڻو پوندو، پاڪ فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس جي جوانن جي قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن اهڙن خيالن جو ا ظهار امام بارگاهه خديجته الڪبريٰ جي دوري جي موقعي تي شهيدن جي پونيئرن ۽ گهرڀاتين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم افسوسناڪ واقعي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ان جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. هن چيو ته دهشتگردن جو نه ڪو مذهب آهي نه دين، جهڙي طرح معصوم ٻارن، بزرگن، جوانن کي شهيد ڪيو ويو ان تي پوري قوم سوڳوار آهي ۽ سمورن مڪتبه فڪر جن عالمن ۽ قوم ان واقعي جي شديد مذمت ڪئي آهي، دشمن جي قومي وحدت ۽ يڪجهتي کي ڪمزور ڪرڻ جي ناپاڪ سازش خاڪ ۾ ملي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، هن پوليس، پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو جن ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون ۽ دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو. وزيراعظم چيو ته قوم شهيدن جي قربانين جي مقروض آهي. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪندي شهيدن جي لاءِ 50 لک رپيا في ڪس، شديد زخمين جي لاءِ 30 لک رپيا في ڪس ۽ عام زخمين جي لاءِ 10 لک رپيا في ڪس امداد جو اعلان ڪيو. وزيراعظم ڌماڪي جي جڳهه جو معائنو پڻ ڪيو ۽ واقعي جا تفصيل معلوم ڪيو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته واقعي ۾ ملوث عنصرن جي خلاف نوشهره ۾ سي ٽي ڊي ڪامياب آپريشن ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف شهيد عون عباس جي گهر به ويو ۽ سندس گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي شهيد کي خراج عقيدت پيس ڪيو جنهن حملي آور کي روڪڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجي جان ڏني. وزيراعظم شهيد جي وارثن جي لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا امداد جو اعلان پڻ ڪيو. امام بارگاهه جي منتظمين ۽ شهيدن جي پونئيرن وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪيا ۽ چيو ته هن اسان جي ڏک کي محسوس ڪيو. وزيراعظم شهيدن، جن جا ڪمائڻ وارا رخصت ٿي ويا، جي گهرڀاتين کي روزگار جي فراهمي جو پڻ اعلان ڪيو. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير طارق فضل چوڌري، گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير طلال چوڌري، آءِ جي اسلام آباد، وفاقي ۽ ضلعي انتظاميا جي اعليٰ عملدارن کانسواءِ اسلام آباد جا اسيمبلي ميمبر پڻ موجود هئا.











