حيدرآباد-11 جنوري (اي پي پي) ايس ايس پي حيدرآباد عديل حسين چانڊيو چيو آهي ته حيدرآباد پوليس جي ڏوهن جي رڪوري ۽ ٽريسنگ جو تناسب اطمينان بخش آهي ۽ پوليس صنعتي علائقن ۾ سيڪيورٽي کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ لاءِ لڳاتار قدم کڻي رهي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن حيدرآباد سائٽ ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽريز جي چيئرمين زبير گھانگھري جي دعوت تي ايسوسيئيشن جي آفيس ۾ صنعتڪارن ۽ پوليس …
حيدرآباد پوليس صنعتي علائقن ۾ سيڪيورٽي کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ لاءِ لڳاتار قدم کڻي رهي آهي: ايس ايس پي حيدرآباد

مزید خبریں
حيدرآباد-11 جنوري (اي پي پي) ايس ايس پي حيدرآباد عديل حسين چانڊيو چيو آهي ته حيدرآباد پوليس جي ڏوهن جي رڪوري ۽ ٽريسنگ جو تناسب اطمينان بخش آهي ۽ پوليس صنعتي علائقن ۾ سيڪيورٽي کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ لاءِ لڳاتار قدم کڻي رهي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن حيدرآباد سائٽ ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽريز جي چيئرمين زبير گھانگھري جي دعوت تي ايسوسيئيشن جي آفيس ۾ صنعتڪارن ۽ پوليس آفيسرن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن زور ڏنو ته صنعتڪار پنهنجن ڪارخانن، مين چوڪن، گهٽين ۽ روڊن تي معياري سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳائين ۽ مناسب بيڪ اپ سان انهن کي سينٽرلائزڊ ۽ انٽيگريٽيڊ سسٽم سان ڳنڍين ته جيئن مجموعي سيڪيورٽي نظام کي بهتر بڻائي سگهجي. ايس ايس پي چوڪيدارن جي ڀرتي ۽ انهن جي باقاعده پوليس ويريفڪيشن جي اهميت تي به زور ڏنو ۽ چيو ته اهو عمل ايپ ذريعي لازمي بڻايو وڃي ته جيئن ڏوهن جي روڪٿام ۾ مدد ملي سگهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته صنعتي ۽ حساس علائقن ۾ پوليس مانيٽرنگ ۽ پيٽرولنگ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نفري پڻ وڌائي پئي وڃي. اجلاس جو مقصد صنعتي علائقي ۾ امن امان کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ صنعتڪارن ۽ پوليس وچ ۾ گڏيل سهڪار کي مضبوط ڪرڻ هو. ان کان اڳ چيئرمين زبير گھانگھرا پنهنجي آجياڻي خطاب ۾ چيو ته صنعتي ترقي جو دارومدار پرامن ماحول تي هوندو آهي ۽ ان حوالي سان پوليس جو ڪردار نهايت اهم آهي. هن حيدرآباد پوليس جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته صنعتڪار برادري هميشه پوليس سان مڪمل تعاون ڪندي رهي آهي ۽ مستقبل ۾ به ڪندي رهندي. بعد ۾ چيئرمين زبير گھانگھرا ۽ صنعتڪارن سان گڏ ايس ايس پي حيدرآباد صنعتي علائقي ۾ امن امان جي قيام جي ويزن کي عملي جامو پارائيندي 15 مددگار سائيٽ جو افتتاح ڪيو. هن نئين مددگار سائيٽ ۾ شروعاتي طور 18 جوان ۽ 4 موٽر سائيڪلون فراهم ڪيون ويون آهن، جنهن سان صنعتي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سيڪيورٽي صورتحال ۾ وڌيڪ بهتري اچڻ جي اميد آهي. سينئر وائس چيئرمين عامر شهاب ايس ايس پي حيدرآباد ۽ سندس ٽيم جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هي قدم صنعتي علائقن جي تحفظ لاءِ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته حيدرآباد سائيٽ ايسوسيئيشن پوليس سان هر سطح تي تعاون جاري رکندي ته جيئن صنعتن کي پرامن ۽ سازگار ماحول فراهم ڪري سگهجي. هن موقعي تي سرپرست اعليٰ مظهر الحق، وائيس چيئرمين ايسر ڪمار، ميمبر مئنيجنگ ڪميٽي محمد فاروق شيخاني، شريف پونجاني، ڊائريڪٽر ڊي ايس موٽرز علي گھانگھرو ۽ ڊائريڪٽر هاءِ اسپيڊ موٽر سائيڪل عمران لاکاڻي پڻ موجود هئا.











