لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جي طرفان لاڙڪاڻو شهر ۾ پهريون ڀيرو ونٽر فلاور شو 15 فيبروري تي ٿيندو

لاڙڪاڻو - 11 فيبروري (اي پي پي) لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻي شهر ۾ پهريون ڀيرو ونٽر فلاور شو منعقد ڪيو پيو وڃي. ميئر لاڙڪاڻو جي پريس ترجمان پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته ونٽر فلاور شو جو باقاعده افتتاح 15 فيبروري تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو پولٽيڪل سيڪريٽري ۽ ايم پي اي جميل احمد سومرو ڪندو. ميئر لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لهر جي ڪوششن سان ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو طرفان شھرين  لاءِ ونٽر فلاور …

لاڙڪاڻو – 11 فيبروري (اي پي پي) لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻي شهر ۾ پهريون ڀيرو ونٽر فلاور شو منعقد ڪيو پيو وڃي. ميئر لاڙڪاڻو جي پريس ترجمان پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته ونٽر فلاور شو جو باقاعده افتتاح 15 فيبروري تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو پولٽيڪل سيڪريٽري ۽ ايم پي اي جميل احمد سومرو ڪندو. ميئر لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لهر جي ڪوششن سان ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو طرفان شھرين  لاءِ ونٽر فلاور شو ۾ تفريحي سرگرمين سميت ٻيون سهولتون  فراهم ڪيون وينديون. ونٽر فلاور شو 15 فيبروري کان 17 فيبروري تائين جاري رهندو .جنھن جو وقت 3 وڳي کان رات 10 وڳي تائين هوندو،15  ۽ 17 فيبروري تي هي شو شهرين، شاگردن، بزرگن ۽ زندگي جي سڀني شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن لاءِ هوندو، جڏهن ته 16 فيبروري تي هي شو عورتن ۽ ٻارن لاءِ مخصوص هوندو.