سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري جي پارليامينٽ ھائوس اسلام آباد ۾ سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر علامه راجا ناصر عباس سان ملاقات

ڪراچي-10 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پارليامينٽ ھائوس اسلام آباد ۾ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سينيٽر علامه راجا ناصر عباس سان ملاقات ڪئي آھي. گورنر مسجد خديجھ الڪبريٰ سانحي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ شھيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. گورنر چيو ته معصوم جانين جو زيان ناقابل برداشت آھي، دھشتگرد پنھنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏھن به ڪامياب نه ٿيندا. ھن …

ڪراچي-10 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پارليامينٽ ھائوس اسلام آباد ۾ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سينيٽر علامه راجا ناصر عباس سان ملاقات ڪئي آھي. گورنر مسجد خديجھ الڪبريٰ سانحي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ شھيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. گورنر چيو ته معصوم جانين جو زيان ناقابل برداشت آھي، دھشتگرد پنھنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏھن به ڪامياب نه ٿيندا. ھن وڌيڪ چيو ته ڏک جي گھڙي ۾ علامه راجا ناصر عباس جي قومي ھم آھنگي جي ھاڪاري ڪردار تي دل سان سندس ٿورائتو آھيان. ھن چيو ته قومي ٻڌي ئي دھشتگردي خلاف اسان جي سڀ کان وڏي طاقت آھي. علامه راجا ناصر عباس چيو ته اسين گورنر ڪامران خان ٽيسوري جا ٿورائتا آھيون ته ھو ان غم جي گھڙي ۾ اسان سان ڏک ونڊڻ آيو آھي.