ڪراچي -05 جنوري (اي پي پي) ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميزباني هيٺ جاري ستين سي پي اي ايشيا ريجنل ۽ ٻي گڏيل سي پي اي ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ريجنل ڪانفرنس 2026ع جي ٻئي ڏينهن ڪانفرنس ۾ خطابن دوران اهو واضح ڪيو ويو ته آئينِي تحفظ، پارلياماني احتساب، سچائي تي ٻڌل رابطي ۽ ڊيجيٽل دنيا ۾ عورتن جي تحفظ کان سواءِ جمهوريت مضبوط نٿي ٿي سگهي.ڪانفرنس ۾ مختلف …
ڪراچي ۾ ستين سي پي اي ايشيا ريجنل ۽ ٻي گڏيل سي پي اي ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ريجنل ڪانفرنس ٻئي ڏينهن به جاري

مزید خبریں
ڪراچي -05 جنوري (اي پي پي) ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميزباني هيٺ جاري ستين سي پي اي ايشيا ريجنل ۽ ٻي گڏيل سي پي اي ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ريجنل ڪانفرنس 2026ع جي ٻئي ڏينهن ڪانفرنس ۾ خطابن دوران اهو واضح ڪيو ويو ته آئينِي تحفظ، پارلياماني احتساب، سچائي تي ٻڌل رابطي ۽ ڊيجيٽل دنيا ۾ عورتن جي تحفظ کان سواءِ جمهوريت مضبوط نٿي ٿي سگهي.ڪانفرنس ۾ مختلف اهم ۽ حساس معاملن تي تفصيلي بحث ڪيو ويو، جتي آئينِي ترميمن، ڊيپ فيڪ، آن لائن تشدد، عورتن جي تحفظ، پارلياماني احتساب ۽ صوبائي معاملن بابت ڳالهايو ويو .ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ڪنهن جي ڪردار کي نقصان پهچائڻ حقِ حيات جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 14 تحت عورتن سميت هر انسان جي عزتِ نفس فتح ٿيڻ جوڳي ناهي، جڏهن ته آرٽيڪل 25 سڀني کي قانون آڏو برابر قرار ڏئي ٿو. هن زور ڀريو ته آن لائن تشدد، نقلي سڃاڻپ ۽ منظم ڌمڪين خلاف سخت قانون سازي ضروري آهي.ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه مري چيو ته آن لائن تشدد عورتن کي عوامي زندگي مان ڌڪي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش آهي، جيڪا جمهوريت کي ڪمزور ڪري ٿي. هن انڪشاف ڪيو ته 2024ع جي چونڊن دوران جينڊر بنياد تي غلط معلومات جا 117 ڪيس سامهون آيا، جن مان 84 ۾ عورتن کي نشانو بڻايو ويو. هن زور ڀريو ته ڊجيٽل دنيا ۾ عورتن جي تحفظ لاءِ مؤثر قانون سازي ۽ سخت عملداري وقت جي اهم ضرورت آهي.ڊيپ فيڪ ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس بابت خطاب ڪندي سنڌ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جعلي ۽ اي آءِ تيار ڪيل مواد حڪومت ۽ سماج ٻنهي لاءِ وڏو چيلنج بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته آواز ۽ وڊيوز جي نقل سازي ذريعي غلط معلومات پکيڙي پئي وڃي، جنهن سان سماجي ڏڦيڙ وڌي رهيو آهي. شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته اطلاعات کاتو 24 ڪلاڪ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز فيس بڪ، ايڪس، ٽڪ ٽاڪ ۽ انسٽاگرام جي نگراني ڪري رهيو آهي ۽ جعلي مواد جي سڃاڻپ لاءِ جديد اي آءِ ڊيٽيڪشن ٽول تيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.ڪانفرنس دوران سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهارالحسن چيو ته بجيٽ کان اڳ 28هين ۽ 29هين آئيني ترميمون آڻڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن، جيڪي 18هين ترميم کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش آهن. قومي اسيمبلي جي ميمبر دانيال چوڌري چيو ته فِيڪ نيوز بابت حڪومت قدم کڻي رهي آهي، پر مستقبل ۾ وڌيڪ جامع قانوني فريم ورڪ جي ضرورت آهي، ڇو ته گذريل هڪ سال دوران اي آءِ جو استعمال تيزي سان وڌيو آهي.بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر فرح عظيم شاهه چيو ته بلوچستان ۾ حالتون مڪمل طور تي مثالي ناهن، پر بهتري اچي رهي آهي ۽ زندگي معمول ڏانهن اچي رهي آهي. هن چيو ته دهشتگرد گروهه جعلي وڊيوز ۽ غلط بيانين ذريعي سيڪيورٽي فورسز جو مورال ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا. فرح عظيم شاهه زور ڀريو ته خاموشي شڪ پيدا ڪري ٿي، جڏهن ته بروقت ۽ سچ تي ٻڌل رابطي سان اعتماد بحال ٿئي ٿو. پارليماني احتساب بابت سيشن ۾ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر علي حيدر گيلاني چيو ته جمهوريت ۾ اعتماد سڀ کان اهم ڪرنسي آهي، جيڪا تازن سالن ۾ گهٽجي وئي آهي. هن چيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي احتساب جو مضبوط آئيني ادارو آهي، پر رپورٽن جي گهٽ معيار ۽ ميمبرن جي عدم دلچسپي سبب احتساب جو عمل متاثر ٿئي ٿو. هن ٻڌايو ته تازين ترميمن کان پوءِ صوبائي پي اي سي کي قومي اسيمبلي جي برابر اختيار مليا آهن. عورتن خلاف آن لائن تشدد ۽ ڊيپ فيڪ بابت پلينري سيشن جي نظامت ڪندي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر سميتا افضال سيد چيو ته ڊجيٽل پليٽ فارمز سياسي شرڪت کي تيزي سان متاثر ڪري رهيا آهن، جتي عورت اڳواڻن کي غير مناسب طور آن لائن هراساني، ڌمڪين ۽ غلط معلومات جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جيڪو جمهوريت جي حڪمراني لاءِ خطرو آهي.











