ڪراچي -05 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ يوم يڪجھتي ڪشمير جي موقعي تي سمورن ڪشميري ڀائرن، ڀينرن ۽ شھرين کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آھي تھ 5 فيبروري جو ڏينھن ڪشمير عوام سان اسان جي يڪجھتي جو مظھر آھي، والاريل ڄمون ڪشمير ۾ عوام ڪيترن ئي ڏھاڪن کان بنيادي حقن ۽ خود اراديت واري حق …
ڀارت ۽ خاص طور ڪاسائي مودي رياست ڏاڍ جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا پر ڪشميري عوام جا حوصلا ڪمزور ڪرڻ ۾ ناڪام رھيو: شرجيل انعام ميمڻ

مزید خبریں
ڪراچي -05 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ يوم يڪجھتي ڪشمير جي موقعي تي سمورن ڪشميري ڀائرن، ڀينرن ۽ شھرين کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آھي تھ 5 فيبروري جو ڏينھن ڪشمير عوام سان اسان جي يڪجھتي جو مظھر آھي، والاريل ڄمون ڪشمير ۾ عوام ڪيترن ئي ڏھاڪن کان بنيادي حقن ۽ خود اراديت واري حق جي جنگ وڙھي رھي آھي. پنهنجي جاري ڪيل ھڪ بيان ۾ ھن چيو تھ ڀارت ۽ خاص طور تي ڪاسائي مودي رياست ڏاڍ جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا پر ڪشميري عوام جا حوصلا ڪمزور ڪرڻ ۾ ناڪام رھيو، پاڪستان ڪشميري عوام سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيٺل آھي ۽ سندن ھر سطح تي حمايت جاري رکي ويندي.شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو تھ ڀارت جون پاليسيون انساني حقن جي عالمي اصولن جي ڀڃڪڙي ۽ پوري پرڳڻي ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ خطرو آھن، ڪشميري عوام جي قربانين، سياسي قيدين، لاپتا ماڻھن جي تعداد ۾ اضافي کي عالمي برادري نظر انداز نھ ٿي ڪري سگھي، عالمي ادارا گڏيل قومن جي ٺھرائن موجب ڪشميري عوام کي سندن خود اراديت جو حق ڏيارڻ ۾ فوري ۽ اثرائتو ڪردار ادا ڪن. ھن چيو تھ ڀارتي دھشتگردي خطي ۾ عدم استحڪام، عسڪري ڇڪتاڻ ۽ انساني المئي کي جنم ڏنو آھي، ڪشميرين جي جدوجھد انساني حقن ۽ انصاف لاءِ جنگ آھي، پاڪستان سندن جائز مطالبن جي لاءِ عالمي سطح تي آواز اُٿاريندو رھندو.











