گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جو منصفاڻو ۽ پائيدار حل وقت جي اهم ضرورت آهي: مزمل حسين هاليپوٽو

ڪراچي -05 جنوري (اي پي پي) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي هيڊ آفيس ۾ 5 فيبروري تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏينهن پوري وقار، سنجيدگي ۽ احترام سان ملهايو ويو، جنهن جو مقصد ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جو وچن ورجائڻ هو. ايس بي سي اي جي ترجمان موجب ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل مزمل حسين هاليپوٽو جي هدايتن تي اٿارٽي جي سمورن ضلعي آفيسن …

ڪراچي -05 جنوري (اي پي پي) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي هيڊ آفيس ۾ 5 فيبروري تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏينهن پوري وقار، سنجيدگي ۽ احترام سان ملهايو ويو، جنهن جو مقصد ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جو وچن ورجائڻ هو. ايس بي سي اي جي ترجمان موجب ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل مزمل حسين هاليپوٽو جي هدايتن تي اٿارٽي جي سمورن ضلعي آفيسن ۾ قومي جهنڊو (اڌ ڪاٺيءَ تي) رکيو ويو. ڪشميري شهيدن جي ثواب، ڪشميري عوام جي آزاديءَ جي جدوجهد ۽ خوداراديت جي حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ خاص دعائن جو بندوبست ڪيو ويو.ڪشمير ڏينهن جي موقعي تي ڪشميري شهيدن جي ياد ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي، جنهن ۾ آفيسرن ۽ ملازمن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي مزمل حسين هاليپوٽو ڪشمير سان يڪجهتيءَ جي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪشميري عوام ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي جائز حق خوداراديت لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، جنهن تي عالمي برادريءَ جي سنجيده ڌيان ۽ عملي قدمن جي سخت ضرورت آهي.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام سان پنهنجي اڻٽر سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، جڏهن ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جو منصفاڻو ۽ پائيدار حل وقت جي اهم ضرورت آهي.ڊائريڪٽر جنرل ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ڪشمير جو ڏينهن مظلوم ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار، سندن قربانين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ ۽ سندن جائز حق لاءِ آواز بلند ڪرڻ جو ڏينهن آهي.