ڪنڌڪوٽ-ڪشمور  جي ڊپٽي ڪمشنر جي اڳواڻي ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ ريلي ڪڍي وئي

لاڙڪاڻو/ڪنڌڪوٽ-ڪشمور -05 جنوري (اي پي پي)5 فيبروري تي ڪشميرين سان يڪجهتي ۽ حقِ خود اراديت جي حمايت ۾ عابد ڪشمير ۾ ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي ڊپٽي ڪمشنر ڪنڌڪوٽ-ڪشمور آغا شير زمان خان ڪئي. ريلي ۾ استادن، ميونسپل ڪميٽي جي عملدارن، صحافي برادري ۽ مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ريلي ڊي سي آفيس کان شروع ٿي سول اسپتال تائين پهتي، جتي شرڪت ڪندڙن ڪشميرين جي …

لاڙڪاڻو/ڪنڌڪوٽ-ڪشمور -05 جنوري (اي پي پي)5 فيبروري تي ڪشميرين سان يڪجهتي ۽ حقِ خود اراديت جي حمايت ۾ عابد ڪشمير ۾ ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي ڊپٽي ڪمشنر ڪنڌڪوٽ-ڪشمور آغا شير زمان خان ڪئي. ريلي ۾ استادن، ميونسپل ڪميٽي جي عملدارن، صحافي برادري ۽ مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ريلي ڊي سي آفيس کان شروع ٿي سول اسپتال تائين پهتي، جتي شرڪت ڪندڙن ڪشميرين جي آزادي ۽ حقِ خود اراديت جي حمايت ۾ نعرا هنيا. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پاڪستاني قوم هميشه ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي ۽ سندن جدوجهد جي مڪمل حمايت جاري رکندي.