لاڙڪاڻو - 5 فيبروري (اي پي پي)لاڙڪاڻو جي ميئر ايڊووڪيٽ انور علي لهر طرفان بيگم نصرت ڀٽو حال جناح باغ ۾ يومِ ڪشمير جي موقعي تي هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي صدر خير محمد شيخ، ميونسپل ڪمشنر ڊاڪٽر جاويد انور عباسي سميت شهرين، سياسي ۽ سماجي شخصيتن، بلدياتي نمائندن، سرڪاري آفيسرن، ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن شرڪت ڪئي.ميئر لاڙڪاڻو خطاب ڪندي چيو ته اڄ ڪشميري عوام سان اظهارِ يڪجهتي جو ڏينهن آهي.ڪشميري عوام ڪيترن …
لاڙڪاڻو جي ميئر طرفان بيگم نصرت ڀٽو حال جناح باغ ۾ يومِ ڪشمير جي موقعي تي هڪ شاندار تقريب منعقد

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 5 فيبروري (اي پي پي)لاڙڪاڻو جي ميئر ايڊووڪيٽ انور علي لهر طرفان بيگم نصرت ڀٽو حال جناح باغ ۾ يومِ ڪشمير جي موقعي تي هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي صدر خير محمد شيخ، ميونسپل ڪمشنر ڊاڪٽر جاويد انور عباسي سميت شهرين، سياسي ۽ سماجي شخصيتن، بلدياتي نمائندن، سرڪاري آفيسرن، ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن شرڪت ڪئي.ميئر لاڙڪاڻو خطاب ڪندي چيو ته اڄ ڪشميري عوام سان اظهارِ يڪجهتي جو ڏينهن آهي.ڪشميري عوام ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڀارتي ظلمن کي منهن ڏيندي پنهنجي آزادي جي جدوجهد جاري رکندو پيو اچي.پوري پاڪستاني قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪشميري عوام جون قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ عالمي برادري کي گهرجي ته ڪشمير جي مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو مؤثر ڪردار ادا ڪري. ان موقعي تي ڪشميري شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو ۽ ڪشميري عوام جي حقِ خوداراديت لاءِ خاص دعا پڻ گهري وئي.تقريب جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن ڪشميري عوام جي حق ۾ ريلي ڪڍي ۽ نعريبازي ڪئي ۽ ان عزم جو واعدو ڪيو ته پاڪستاني قوم هر مشڪل گهڙي ۾ ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل رهندي.










