ڪراچي -04 فيبروري (اي پي پي) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي عوام جي جدوجهد صرف انهن جي جدوجهد ناهي پر اها اسان جي به جدوجهد آهي ۽ اها سڀني پاڪستانين جي جدوجهد آهي، تنهن ڪري اسان کي ڪشميري عوام جي حقِ خود اراديت لاءِ آواز بلند ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي آزاد زندگي گذاري سگهن ۽ آزادي مان لطف …
والاريل ڪشمير جي عوام جي جدوجهد اسان سڀني پاڪستانين جي جدوجهد آهي: وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي

مزید خبریں
ڪراچي -04 فيبروري (اي پي پي) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي عوام جي جدوجهد صرف انهن جي جدوجهد ناهي پر اها اسان جي به جدوجهد آهي ۽ اها سڀني پاڪستانين جي جدوجهد آهي، تنهن ڪري اسان کي ڪشميري عوام جي حقِ خود اراديت لاءِ آواز بلند ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي آزاد زندگي گذاري سگهن ۽ آزادي مان لطف ماڻي سگهن.اهڙو اظهار هن سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ پاران ڪشمير يڪجهتي ريلي کي خطاب دوران ڪيو.ريلي کي خطاب ڪندي گڏيل قومن جي اداري جي ڪردار تي تنقيد ڪندي ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو ته گڏيل قومن جي اداري والاريل ڪشمير بابت ڏهن کان وڌيڪ ٺهراءَ منظور ڪيا آهن، پر انهن مان ڪنهن هڪ تي به اهو عمل ناهي ڪرائي سگهيو، جيڪو عالمي معاملن تي گڏيل قومن جي ڪمزور حيثيت تي سوال اٿاري ٿو.ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته گڏيل قومن جي اداري جي محدود ڪردار کان پوءِ ٻيون عالمي تنظيمون پنهنجن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اڀري رهيون آهن. اها اهڙي صورتحال جيڪا مستقبل ۾ گڏيل قومن اداري جي خاتمي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. ڊاڪٽر صحرائيءَ وڌيڪ چيو ته عالمي برادريءَ کي والاريل ڪشمير ۾ هندستان جي تسلط ۽ طاقت جي وحشياڻي استعمال خلاف آواز بلند ڪرڻ گهرجي.پاڪستان جي هٿياربند فوج کي سلام پيش ڪندي ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو ته اسان جي ملڪي سرحدن تي ۽ ملڪ جي اندر صورتحال ايتري سٺي ناهي، جنهن ۾ اهي طاقتون ملوث آهن جيڪي والاريل ڪشمير کي خود اراديت جو حق نه ٿيون ڏين، ۽ اُتي ظلم ۽ زيادتي ڪري رهيون آهن، پر اسان جي جوانن جي ڪري، اسان جون سرحدون محفوظ آهن ۽ اسان پرسڪون انداز ۾ پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهيون. وائيس چانسلر غزه جي افسوسناڪ صورتحال تي پڻ ڳالهايو ۽ چيو ته هتي گڏيل قومن جو ڪردار به پڻ بي عمليءَ وارو آهي. هن چيو ته فلسطينين جي نسل ڪشي بند ڪئي وڃي ۽ فلسطيني قوم جي وجود ۽ سندن پنهنجي زمين تي حق کي تسليم ڪيو وڃي. ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي ملازمن کي هدايت ڪئي ته اهي ڪشميرين سان يڪجهتي، انهن جي جدوجهد جي حمايت ۽ ڀارتي ظلم جي خلاف سوشل ميڊيا تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ پيغام ضرور پوسٽ ڪن.ڪشمير يڪجهتي ريلي يونيورسٽيءَ جي آءِ ٽي ٽاور کان شروع ٿي يونيورسٽيءَ جي مکيه عمارت تي ختم ٿي. ريليءَ ۾ يونيورسٽيءَ جي ڊينز، تعليمي شعبن جي چيئرپرسن، مختلف انتظامي شعبن جي سربراهن، آفيسرن، فيڪلٽي ۽ ٻين ملازمن شرڪت ڪئي.










