ڪراچي-03 فيبروري (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي 14 ورهين کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي پارلياماني ڪانفرنس جي ميزباني لاءِ تيار آهي، جنهن جي سلسلي ۾ ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن (سي پي اي) جو اعليٰ سطحي عالمي وفد ڪراچي پهچي ويو آهي. سنڌ جي اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل هينڊ آئوٽ موجب سي پي اي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي چيئرپرسن ۽ زيمبيا جو پارليامينٽ ميمبر ڊاڪٽر ڪرسٽوفر ڪليلا ڪراچي ايئرپورٽ پهتو. …
سنڌ اسيمبلي 14 ورهين کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي پارلياماني ڪانفرنس جي ميزباني لاءِ تيار

مزید خبریں
ڪراچي-03 فيبروري (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي 14 ورهين کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي پارلياماني ڪانفرنس جي ميزباني لاءِ تيار آهي، جنهن جي سلسلي ۾ ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن (سي پي اي) جو اعليٰ سطحي عالمي وفد ڪراچي پهچي ويو آهي. سنڌ جي اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل هينڊ آئوٽ موجب سي پي اي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي چيئرپرسن ۽ زيمبيا جو پارليامينٽ ميمبر ڊاڪٽر ڪرسٽوفر ڪليلا ڪراچي ايئرپورٽ پهتو. جنهن سان گڏ سي پي اي هيڊڪوارٽر لنڊن مان سي پي اي جو سيڪريٽري جنرل مسٽر اسٽيفن ٽِوگ (برطانيا) ۽ سي پي اي ڪميونيڪيشنز ۽ آفيس ايڊمنسٽريٽر مس ميلاني ڊينڪوا پڻ ڪراچي پهچي ويا آهن. وفد جي آمد تي ايم پي اي صائما آغا سندن آجيان ڪئي ۽ گلدستو پيش ڪيو. سنڌ اسيمبلي، اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جي قيادت هيٺ اڄ کان 7 فيبروري 2026ع تائين ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن (سي پي اي) ايشيا ريجن جي ستين، ۽ سي پي اي ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ريجن جي ٻي گڏيل پارلياماني ڪانفرنس جي ميزباني ڪري رهي آهي. ڪانفرنس ۾ 17 قانون ساز ادارن جا 150 کان وڌيڪ پارليامينٽ ميمبر، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ پارلياماني ماهر شرڪت ڪندا. “مستقبل جي پارليامينٽ، اعتماد، شموليت، جدت ۽ امن وسيلي جمهوريت جي نئين سر جوڙجڪ” جي عنوان هيٺ ڪانفرنس ۾ پارلياماني تعليم، غلط ڄاڻ ۽ جعلي خبرن جي پکيڙ، موسمي تبديلي، پارلياماني جوابدهي، صنفي معاملن، ٽيڪنالاجي ۽ علائقائي سهڪار جهڙن اهم موضوعن تي بحث ڪيو ويندو.










