ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير جو نئون ڪوٽ قلعي جو دورو

ٿرپارڪر-02 فيبروري (اي پي پي) ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه نئون ڪوٽ جو اوچتو دورو  ڪيو، صوبائي وزير نئون ڪوٽ قلعي تي سي سي ٽي وي ڪئميرائن ۽ رنگ روغن جي ڪم جو جائزو ورتو، ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه نئون ڪوٽ قلعي تي موجود سياحن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کان سهولتن ۽ انتظامن جي حوالي سان ڄاڻ حاصل ڪئي. …

ٿرپارڪر-02 فيبروري (اي پي پي) ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه نئون ڪوٽ جو اوچتو دورو  ڪيو، صوبائي وزير نئون ڪوٽ قلعي تي سي سي ٽي وي ڪئميرائن ۽ رنگ روغن جي ڪم جو جائزو ورتو، ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه نئون ڪوٽ قلعي تي موجود سياحن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کان سهولتن ۽ انتظامن جي حوالي سان ڄاڻ حاصل ڪئي. صوبائي وزير قلعي تي جاري ڪم جو جائزو وٺندي لاڳاپيل عملدارن کي قلعي ۾ صفائي ۽ پيئڻ جي پاڻي سميت سياحن لاءِ سهولتون بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير چيو ته نئون ڪوٽ قلعي تي سيڪيورٽي لاءِ سي سي ٽي وي ڪئميرايون لڳايون ويون آهن، قلعي جي ڀتين سميت هالز جي صورتحال بهتر بڻائي پئي وڃي، سيد ذوالقفار علي شاهه چيو ته سنڌ جي تاريخي ورثي کي اسان کي ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ بڻائڻو آهي. سنڌ جي تاريخي ورثي کي نقصان پهچائيندڙن سان ڪا رعايت نه ڪئي ويندي، جيڪو به قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.