شازيه مري پاران پوليو جي خاتمي واري مهم جي ڪاميابي لاءِ قومي عزم تي زور

حيدرآباد-02 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي ترجمان شازيه مري چيو آهي ته پوليو هاڻي به هڪ سنگين عوامي صحت جو مسئلو آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ قومي سطح تي مستقل ڌيان ۽ مضبوط عزم اڻٽر آهي. پوليو جي خاتمي واري مهم جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ٻارن کي پوليو ويڪسين نه پيارڻ مهم کي ڪمزور ڪرڻ سان ٻارن لاءِ خطرن ۾ …

حيدرآباد-02 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي ترجمان شازيه مري چيو آهي ته پوليو هاڻي به هڪ سنگين عوامي صحت جو مسئلو آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ قومي سطح تي مستقل ڌيان ۽ مضبوط عزم اڻٽر آهي. پوليو جي خاتمي واري مهم جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ٻارن کي پوليو ويڪسين نه پيارڻ مهم کي ڪمزور ڪرڻ سان ٻارن لاءِ خطرن ۾ اضافو ڪري ٿو، ان لاءِ مقرر مدي ۾ ويڪسينيشن يقيني بڻائڻ انتهائي ضروري آهي ته جئين وائرس جي پکيڙ کي روڪي سگهجي. شازيه مري چيو ته فرنٽ لائن پوليو ورڪرز قوم جي خدمت انجام ڏئي رهيا آهن، ان لاءِ انهن کي مڪمل سهولت، تحفظ ۽ احترام فراهم ڪرڻ گهرجي. هن خبردار ڪيو ته غلط معلومات ۽ ويڪسين کان انڪار ڪيترن سالن جي اڳڀرائي کي متاثر ڪري سگهي ٿي ۽ ايندڙ نسلن لاءِ خطرو پيدا ڪري ٿو.  هن، والدين ۽ سرپرستن تي زور ڀريو ته هو پنهنجي ٻارن کي مڪمل حفاظتي ٽيڪا ضرور لڳرائين. هن جو چوڻ هو ته جتي به مهم ۾ ڪمزوريون يا کوٽ سامهون اچي اتي پڇاڻو ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ صحت جي عملدارن، مقامي حڪومتن ۽ ڪميونٽي وچ ۾ مربوط ۽ مسلسل ڪوششون اڻٽر آهن جڏهن ته منظم حڪمت عملي سان پوليو فري پاڪستان جو خواب حقيقت بڻجي سگهي ٿو. شازيه مري، پوليو کان متاثر ماڻهن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته اهي ماڻهو مشڪلاتن جي باوجود معاشري ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي رهيا آهن.