دنيا ۾ امن لاءِ 13 ملڪن جو سائيڪل تي سفر ڪيو آهي ته جيئن امن بحالي ٿي سگهي: سعودي ڄائو پاڪستاني سياح

لاڙڪاڻو-02 فيبروري (اي پي پي) دنيا جي مختلف 13 ملڪن جو سائيڪل ذريعي سفر ڪندڙ نصير آباد ڀرسان ڳوٺ محراب سنديلو جي رهواسي سعودي ڄائي محمد علي چنجڻي لاڙڪاڻو پريس ڪلب پهچي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته منهنجي پيدائش سعودي عرب جي آهي ۽ گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي اتي ئي رهائش پذير آهيان، جڏهن ته سعودي حڪومت جي تعاون سان منشيات، دهشتگردي خلاف توڙي امن جي بحالي …

لاڙڪاڻو-02 فيبروري (اي پي پي) دنيا جي مختلف 13 ملڪن جو سائيڪل ذريعي سفر ڪندڙ نصير آباد ڀرسان ڳوٺ محراب سنديلو جي رهواسي سعودي ڄائي محمد علي چنجڻي لاڙڪاڻو پريس ڪلب پهچي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته منهنجي پيدائش سعودي عرب جي آهي ۽ گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي اتي ئي رهائش پذير آهيان، جڏهن ته سعودي حڪومت جي تعاون سان منشيات، دهشتگردي خلاف توڙي امن جي بحالي لاءِ سال 2001ع کان وٺي سائيڪل ذريعي دنيا جي مختلف ملڪن پاڪستان، آزاد ڪشمير، ترڪي، بحرين، قطر، لبنان، ايران، يمن، اردن سميت 13 ملڪ جو سفر ڪيو آهي ته جيئن دنيا اندر امن بحالي ٿي سگهي، جنهن دوران مونکي ڪيترائي ميڊل توڙي ٻيا انعام مليا آهن. هن چيو ته پاڪستان اندر امن و امان جي کوٽ آهي، جڏهن ته دنيا جي ٻين ملڪن ۾ تمام گهڻو امن آهي، جتي عام ماڻهو پاڻ کي محفوظ محسوس ڪندا آهن، جڏهن ته اسان جي ملڪ خاص طر تي سنڌ اندر بدامني، بنيادي سهولتن جي کوٽ، بيروزگار، غربت آهي ۽ رشوت ۽ سفارشي ڪلچر پڻ تمام گهڻو آهي، هتان جا واپاري بدامني سبب ٻين ملڪن ۾ ڪاروبار ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، جنهن نظام کي هاڻي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آئون سعودي حڪومت جي تعاون سان پنهنجي ملڪ پاڪستان، سنڌ صوبي ۽ قوم جو نالو روشن ڪري رهيو آهيان، جنهن تي مونکي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿيڻ سان گڏ فخر پڻ آهي، جيڪو عمل اڳتي به جاري رهندو ۽ ايندڙ وقت ۾ سائيڪل ذريعي يورپ جي مخلتف ملڪن جو سفر پڻ ڪندس، جنهن لاءِ سعودي ۽ يورپي حڪومتن تعان جو يقين ڏياريو آهي، جيڪا ڳالهھ مون لاءِ اعزاز جي آهي. محمد علي چنجڻي چيو ته منهنجي خواهش آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪيان، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت توڙي پيپلز پارٽي جا مقامي اڳواڻ مونسان رابطو ڪري منهنجي ملاقات کي يقيني بڻائن، ڇاڪاڻ جو پنجاب صوبي اندر رانديگرن کي تمام گهڻي عزت ۽ سندن حوصلاافزائي ڪئي ويندي آهي، پر سنڌ ۾ اسان جهڙن ماڻهن کي خبر نه آهي ته ڇا لاءِ نظر انداز ڪيو پيو وڃي، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هو به پنجاب جيان راندين سان گڏ ٻين سٺن ڪمن ۾ دلچسپي رکندڙن کي مان ڏنو وڃي.