لاڙڪاڻو- 02 فيبروري (اي پي پي) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۾ سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي سهڪار سان سانا_فيم اسڪالرشپ ورهائڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جو مقصد يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ادارن جي ذهين ۽ حقدار شاگردن جي حوصلا افزائي ڪرڻ ھو. سانا پاران ميرٽ ۽ ضرورت جي بنياد تي ميڊيڪل جي 15 شاگردن کي پنجن سالن واري ايم بي بي ايس ڊگري جي مڪمل مدي …
شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۾ سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي سهڪار سان سانا_فيم اسڪالرشپ ورهائڻ واري تقريب
لاڙڪاڻو- 02 فيبروري (اي پي پي) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۾ سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي سهڪار سان سانا_فيم اسڪالرشپ ورهائڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جو مقصد يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ادارن جي ذهين ۽ حقدار شاگردن جي حوصلا افزائي ڪرڻ ھو. سانا پاران ميرٽ ۽ ضرورت جي بنياد تي ميڊيڪل جي 15 شاگردن کي پنجن سالن واري ايم بي بي ايس ڊگري جي مڪمل مدي لاءِ اسڪالرشپ ڏني وئي. ان کانسواءِ (سانا) اسڪالرشپ حاصل ڪندڙ شاگردن لاءِ يو ايس ايم ايل اي فيس جي خرچن جو ڪجهه حصو پڻ برداشت ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو. ان موقعي تي شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي پاران چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي ٽاپ 10 پوزيشن هولڊرز، جڏهن ته بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج ۽ انسٽيٽيوٽ آف فزيوٿارپي اينڊ ريھيبلٽيشن سائنسز جي ٽاپ 3 پوزيشن هولڊرز کي پڻ انعامن سان نوازيو ويو. مجموعي طور 50 کان وڌيڪ شاگردن کي اسڪالرشپ چيڪ ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. تقريب کي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه شاگردن کي مبارڪون ۽ سانا جا ٿورا مڃيندي چيو ته اها تنظيم چانڊڪا جي شاگردن لاءِ وڏي سھڪار جو ذريعو بڻيو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر شاھد حسين سومرو چيو ته سانا_فيم جھڙا تعليمي قدم غريب ۽ ذهين شاگردن لاءِ اميد جو روشن ڏيئو آهن. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي اڳوڻي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر ضمير احمد سومرو چيو ته تعليم ۾ سيڙپڪاري اصل قوم جي مستقبل ۾ سيڙپڪاري آهي ۽ اهڙيون اسڪالرشپس شاگردن کي محنت سان اڳتي وڌڻ جو حوصلو ڏين ٿيون، تقريب کي ڊينٽل ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر قائم الدين شيخ، فزيوٿارپي انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مڪيش ڪمار پُڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته احمد بخش ڏاھاڻي سڀني جا ٿورا مڃيا. تقريب ۾ فڪلٽي، شاگردن ۽ آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.











