بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي پاران رات دير سان ڪوئيٽا جي مختلف علائقن جو دورو، سيڪيورٽي اهلڪارن سان ملاقات

ڪوئيٽا – 01 فيبروري (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي رات جو دير سان ڪوئيٽا جي مختلف حساس هنڌن ۽ پوليس چوڪين جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن سيڪيورٽي تي مقرر پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن جي اهلڪارن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن پيشيوراڻين خدمتن کي ساراهيندي کين همٿايو. دوري دوران بلوچستان جي وڏي وزير سان گڏ صوبائي اسيمبلي جا ميبر علي مدد …

ڪوئيٽا – 01 فيبروري (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي رات جو دير سان ڪوئيٽا جي مختلف حساس هنڌن ۽ پوليس چوڪين جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن سيڪيورٽي تي مقرر پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن جي اهلڪارن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن پيشيوراڻين خدمتن کي ساراهيندي کين همٿايو. دوري دوران بلوچستان جي وڏي وزير سان گڏ صوبائي اسيمبلي جا ميبر علي مدد جتڪ ۽ زرڪ خان مندوخيل به موجود هئا. وڏي وزير مختلف پوليس چوڪين تي اهلڪارن سان وقت گذاريو، انهن کان درپيش مسئلا دريافت ڪيا ۽ سيڪيورٽي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو ته صوبي جي جوانن جا حوصلا بلند آهن ۽ هو هر قسم جي دهشتگردي ۽ بد امني کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهن. هن چيو ته بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويندو. وڏي وزير واضح ڪيو ته دهشتگردن جي عزمن کي ڪنهن به صورت ڪامياب نه ٿيڻ ڏينداسين ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ حڪومت سمورا دستياب وسيلا استعمال ڪري رهي آهي. هن سيڪيورٽي اهلڪارن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سموري قوم انهن سان گڏ بيٺل آهي.