پ پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراهه جو والد لاڏاڻو ڪري ويو، جنازي نماز اڄ ادا ڪئي ويندي

حيدرآباد-30 جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي حيدرآباد ڊويزن جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پيپلز پارٽي حيدرآباد ڊويزن جي صدر عاجز ڌامراهه جي والد پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني ميمبر، ايم آر ڊي تحريڪ جي اسير ۽ پريس ڪلب شاهپور چاڪر جي سرپرست اعليٰ غلام حيدر ڌامراهه جو لاڏاڻو ٿي ويو آهي، جنهن جي جنازي نماز (اڄ) 31 جنوري 2026ع جي صبح 10 وڳي شاهپور چاڪر …

حيدرآباد-30 جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي حيدرآباد ڊويزن جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پيپلز پارٽي حيدرآباد ڊويزن جي صدر عاجز ڌامراهه جي والد پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني ميمبر، ايم آر ڊي تحريڪ جي اسير ۽ پريس ڪلب شاهپور چاڪر جي سرپرست اعليٰ غلام حيدر ڌامراهه جو لاڏاڻو ٿي ويو آهي، جنهن جي جنازي نماز (اڄ) 31 جنوري 2026ع جي صبح 10 وڳي شاهپور چاڪر جي هاءِ اسڪول ۾ ادا ڪئي ويندي.