بلوچستان ۾ قانون جي بالادستي، عوامي تحفظ ۽ ترقياتي عمل جي تسلسل کي هر صورت يقيني بڻايو ويندو: بلوچستان جو وڏو وزير

ڪوئيٽه-30 جنوري (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي هرنائي ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان ڪامياب ڳجهي ڄاڻ تي ٻڌل آپريشن دوران 41 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي مارڻ ۽ وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارود هٿ ڪرڻ کي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت، اعليٰ ڪارڪردگي ۽ تياريءَ جو چِٽو ثبوت قرار ڏنو آهي. ايڪس تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته بلوچستان ۾ امن امان …

ڪوئيٽه-30 جنوري (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي هرنائي ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان ڪامياب ڳجهي ڄاڻ تي ٻڌل آپريشن دوران 41 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي مارڻ ۽ وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارود هٿ ڪرڻ کي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت، اعليٰ ڪارڪردگي ۽ تياريءَ جو چِٽو ثبوت قرار ڏنو آهي. ايڪس تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته بلوچستان ۾ امن امان جي قيام، دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي ۽ ڪرپشن خلاف ڪاررواين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪومت سنجيده ۽ ٺوس قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته صوبي ۾ دهشتگرديءَ خلاف زيرو ٽالررنس پاليسي تي بنا فرق جي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي ۽ رياست دشمن ڌُرين لاءِ بلوچستان جي زمين تنگ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز طرفان دهشتگردن خلاف جاري ڪارروايون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته رياست پوري قوت سان عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته اسان جي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا دشمن ۽ دهشتگرد ڌُرين کي مُنهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهن. هن فورسز جي جوانن جي جرئت، پيشيوراڻي مهارت ۽ بي مثال قربانن کي ساراهيندي چيو ته پوري قوم پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته بلوچستان ۾ قانون جي بالادستي، عوامي تحفظ ۽ ترقياتي عمل جي تسلسل کي هر صورت يقيني بڻايو ويندو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ منتقي انجام تائين پهچائي ويندي.