حيدرآباد-30 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۾ 2 فيبروري کان شروع ٿيندڙ پوليو واري قومي مهم جي سلسلي ۾ حيدرآباد جي سياسي، سماجي، مذهبي، سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسرز سان ڊي سي آفيس ۾ اي ڊي سي ٽو صبا ڪلوڙ جي صدارت هيٺ ويهڪ منقد ڪئي وئي. ويهڪ ۾ ڊي ايڇ او حيدرآباد پير غلام حسين, ڊي ايف پي ڊاڪٽر مزمل، سي سي او عرفان احمد ۽ ٻين …
پاڪستان ۾ 2 فيبروري کان شروع ٿيندڙ قومي پوليو مهم جي سلسلي ۾ ڊي سي آفيس ۾ اهم ويهڪ منعقد
حيدرآباد-30 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۾ 2 فيبروري کان شروع ٿيندڙ پوليو واري قومي مهم جي سلسلي ۾ حيدرآباد جي سياسي، سماجي، مذهبي، سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسرز سان ڊي سي آفيس ۾ اي ڊي سي ٽو صبا ڪلوڙ جي صدارت هيٺ ويهڪ منقد ڪئي وئي. ويهڪ ۾ ڊي ايڇ او حيدرآباد پير غلام حسين, ڊي ايف پي ڊاڪٽر مزمل، سي سي او عرفان احمد ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اي ڊي سي ٽو صبا ڪلوڙ چيو ته پوليو هڪ موذي بيماري آهي جنهن جو خاتمو صرف گڏيل ڪوششن سان ممڪن آهي. هن والدين، سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ انفلوئنسرز تي زور ڀريو ته هو عوام ۾ پوليو بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ پوليو ورڪرز سان مڪمل سهڪار ۽ مدد ڪن. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت پوليو جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي ۽ ميدان ۾ ڪم ڪندڙ پوليو ورڪرز گهر گهر وڃي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريندا. هن چيو ته والدين پوليو ٽيمن سان سهڪار ڪن ۽ پنهنجي پيدائش کان وٺي پنجن سالن تائين جي ٻارڙن کي پوليو جا ٻه ڦڙا لازمي پيارين ۽ ڪنهن به قسم جي غلط فهمي يا افواهن کان پاسو ڪن. ويهڪ دوران ڊي ايڇ او حيدرآباد پير غلام حسين چيو ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاءِ سمورن ادارن ۽ سماجي تنظيمن جو ڪردار اهم آهي. سي سي او عرفان مھر چيو ته انفلوئنسرز مثبت پيغام عام ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. شرڪت ڪندڙن پوليو جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن ۽ ڀرپور سهڪار ڪرائڻ جو يقين ڏياريو.











