لاڙڪاڻو /شڪارپور-30 جنوري (اي پي پي) شڪارپور ۾ امام بارگاهه بم ڌماڪي جي 65 شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ امام بارگاهه حيدري کان شهداءِ چوڪ تائين مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شهيدن جي عظيم قربانين کي سلام پيش ڪيو ويو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته شهيدن جون قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون. مشعل بردار ريلي ۾ جعفريه الائنس شڪارپور ضلعي جي وفد شرڪت …
شڪارپور ۾ امام بارگاهه بم ڌماڪي جي 65 شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ امام بارگاهه حيدري کان شهداءِ چوڪ تائين مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي
لاڙڪاڻو /شڪارپور-30 جنوري (اي پي پي) شڪارپور ۾ امام بارگاهه بم ڌماڪي جي 65 شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ امام بارگاهه حيدري کان شهداءِ چوڪ تائين مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شهيدن جي عظيم قربانين کي سلام پيش ڪيو ويو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته شهيدن جون قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون. مشعل بردار ريلي ۾ جعفريه الائنس شڪارپور ضلعي جي وفد شرڪت ڪئي، جنهن ۾ ضلعي جنرل سيڪريٽري اظهر عباس حاجاڻو، فياض احمد سومرو، محسن خان، عاقب علي، اياض علي، باقر علي ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا.











