لاڙڪاڻو-30 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي تاريخي ماڳ موئن جو دڙو جي اهميت کي عالمي سطح تي اجاڳر ڪرڻ لاءِ ثقافت ۽ سياحت کاتي طرفان موئن جو دڙو سفاري ٽرين 31 جنوري تي ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن مان نڪرندي جيڪا منجهند ڏيڍ وڳي سيوهڻ شريف ريلوي اسٽيشن پهچندي. ٽرين ۾ ايم ڊي ثقافت ۽ سياحت سيد فياض علي شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ سياحن ۽ صحافين سميت 100 ڄڻن تي مشتمل …
سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي طرفان موئن جو دڙو سفاري ٽرين 31 جنوري تي ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن مان نڪرندي
لاڙڪاڻو-30 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي تاريخي ماڳ موئن جو دڙو جي اهميت کي عالمي سطح تي اجاڳر ڪرڻ لاءِ ثقافت ۽ سياحت کاتي طرفان موئن جو دڙو سفاري ٽرين 31 جنوري تي ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن مان نڪرندي جيڪا منجهند ڏيڍ وڳي سيوهڻ شريف ريلوي اسٽيشن پهچندي. ٽرين ۾ ايم ڊي ثقافت ۽ سياحت سيد فياض علي شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ سياحن ۽ صحافين سميت 100 ڄڻن تي مشتمل وفد قلندر شهباز جي مزار تي حاضري ڀريندو بعد ۾ وفد ساڳي ئي خصوصي ٽرين ذريعي لاڙڪاڻو پهچندو. جتي وفد جي لاءِ سمبارا هوٽل ۾ ميوزيڪل نائيٽ جو اهتمام ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ملڪ جا ناميارا فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا. ٻئي طرف پهرين فيبروري تي وفد بس ذريعي موئن جو دڙو پهچي اسٽوپا، گريٽ باٿ، ميوزيم سميت ٻيا ماڳ گهمندو ۽ 2 وڳي خصوصي سفاري ٽرين ڪراچيءَ لاءِ رواني ٿيندي. ان حوالي سان سمبارا هوٽل جي مئنيجر امتياز شاهه اي پي پي کي ٻڌايو ته خصوصي سفاري ٽرين ڇنڇر ڏينهن منجهند ڌاري لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن پهچندي جنهن ۾ سياح، صحافي سميت مختلف مڪتبه فڪر سان واسطو رکندڙ شخصيتون شامل آهن، وفد جي دوري جو مقصد موئن جو دڙو جي اهميت کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ آهي.











