لمس جي ايم ايس ڊاڪٽر سيد ارشاد حسين ڪاظمي پاران تعميراتي ڪم جو دورو

حيدرآباد-30 جنوري (اي پي پي) لياقت يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد/ڄامشورو جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر سيد ارشاد حسين ڪاظمي، سول اسپتال حيدرآباد ۾ ايم آر آءِ، سي ٽي اسڪين ڊپارٽمينٽ ۾ تعمير هيٺ نون ڪمرن ۽ پلمونالاجي (چيسٽ ڊزيز) ڊپارٽمينٽ ۾ نئين تعميراتي ڪمن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ايم ايس ڊاڪٽر سيد ارشاد علي ڪاظمي سان گڏ ورڪس اينڊ سروسز ڊپارٽمينٽ سنڌ جا آفيسر به هئا. ايم ايس ڊاڪٽر سيد …

حيدرآباد-30 جنوري (اي پي پي) لياقت يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد/ڄامشورو جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر سيد ارشاد حسين ڪاظمي، سول اسپتال حيدرآباد ۾ ايم آر آءِ، سي ٽي اسڪين ڊپارٽمينٽ ۾ تعمير هيٺ نون ڪمرن ۽ پلمونالاجي (چيسٽ ڊزيز) ڊپارٽمينٽ ۾ نئين تعميراتي ڪمن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ايم ايس ڊاڪٽر سيد ارشاد علي ڪاظمي سان گڏ ورڪس اينڊ سروسز ڊپارٽمينٽ سنڌ جا آفيسر به هئا. ايم ايس ڊاڪٽر سيد ارشاد حسين ڪاظمي سول اسپتال حيدرآباد ۾ تعمير هيٺ 24 ڪلاڪ فارميسي جو به معائنو ڪيو، جتي هن جاري ڪم، سامان جي انسٽاليشن ۽ انتظامي تيارين جو جائزو ورتو. ايم ايس ڊاڪٽر سيد ارشاد حسين ڪاظمي ان موقعي تي چيو ته اسان جا ڊاڪٽر، نرسون ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف مريضن کي بهتر سهولتون ۽ سار سنڀال فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن ۽ اسان جي اولين ترجيح مريضن کي بهترين ممڪن علاج ۽ سار سنڀال فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن اهي جلد کان جلد صحتياب ٿي گهر وڃي سگهن. سڄي سنڌ مان مريض علاج ۽ معالج لاءِ سول اسپتال حيدرآباد ايندا آهن. مريضن لاءِ وڌيڪ نون وارڊن جي تعمير جو ڪم جاري آهي، جيڪو جلد کان جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته فارميسي جو ڪم آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ ان کي جلد ئي عوام لاءِ فعال بڻايو ويندو. ڊاڪٽر سيد ارشاد حسين ڪاظمي لاڳاپيل آفيسرن ۽ ٺيڪيدارن کي هدايت ڪئي ته پلمونالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ تعمير هيٺ نون ڪمرن، فارميسي ۽ ايم آر آءِ، سي ٽي اسڪين سميت سڀني ترقياتي منصوبن کي مقرر وقت اندر اعليٰ معيار ۽ شفافيت سان مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن مريضن کي بروقت ۽ بهتر طبي سهولتون ملي سگهن. هن چيو ته عوامي مفاد جي منصوبن ۾ ڪا به غفلت يا دير ناقابل قبول آهي ۽ اسپتال انتظاميه ترقياتي ڪمن جي سڌي طرح نگراني ڪري رهي آهي.