حيدرآباد-30 جنوري (اي پي پي) نسيم نگر چيڪ پوسٽ جي پوليس گشت دوران عمار سٽي واري علائقي ۾ مبينه مقابلي کان پوءِ ٻن ڦورن الهه يار ملاڻو ۽ هزار خان ملاڻو کي مارڻ جي دعوا ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گشت دوران شڪ جي بنياد تي ٻنهي موٽر سائيڪل سوارن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ته هنن پوليس سان مزاحمت ڪندي فائرنگ شروع ڪري ڇڏي. جوابي فائرنگ ۾ …
نسيم نگر چيڪ پوسٽ پاران پوليس گشت دوران عمار سٽي واري علائقي ۾ مبينا مقابلو، 2 ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ
حيدرآباد-30 جنوري (اي پي پي) نسيم نگر چيڪ پوسٽ جي پوليس گشت دوران عمار سٽي واري علائقي ۾ مبينه مقابلي کان پوءِ ٻن ڦورن الهه يار ملاڻو ۽ هزار خان ملاڻو کي مارڻ جي دعوا ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گشت دوران شڪ جي بنياد تي ٻنهي موٽر سائيڪل سوارن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ته هنن پوليس سان مزاحمت ڪندي فائرنگ شروع ڪري ڇڏي. جوابي فائرنگ ۾ ٻئي ڄڻا مارجي ويا جن جي قبضي مان ٻه عدد پستول ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ آئي آهي. پوليس موجب مارجي ويلن جي لاشن کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب شروعاتي جاچ دوران خبر پئي آهي ته جوابدارن خلاف سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ پوليس سان مقابلن ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جا ڪيس داخل ٿيل آهن.











