لاڙڪاڻو - 30 جنوري (اي پي پي) لاڙڪاڻي جي ايس ايس پي احمد چوڌري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحقن جي رقم مان غير قانوني ڪٽوتين ۽ شڪايتن تي سخت نوٽيس ورتو آهي. رقم جي ڪٽوتين جي معاملي تي هن لاڳاپيل پوليس آفيسرن کي واضح ۽ سخت هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته بي آءِ ايس پي جي مستحقن سان ڪنهن به قسم جي زيادتي ، ڌوڪو يا غير قانوني ڪٽوتي هرگز برداشت نه ڪئي ويندي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو آفيسرن کي …
لاڙڪاڻي جي ايس ايس پي بي آءِ ايس پي جي مستحقن جي رقم مان غير قانوني ڪٽوتين ۽ شڪايتن جو نوٽيس ورتو
لاڙڪاڻو – 30 جنوري (اي پي پي) لاڙڪاڻي جي ايس ايس پي احمد چوڌري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحقن جي رقم مان غير قانوني ڪٽوتين ۽ شڪايتن تي سخت نوٽيس ورتو آهي. رقم جي ڪٽوتين جي معاملي تي هن لاڳاپيل پوليس آفيسرن کي واضح ۽ سخت هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته بي آءِ ايس پي جي مستحقن سان ڪنهن به قسم جي زيادتي ، ڌوڪو يا غير قانوني ڪٽوتي هرگز برداشت نه ڪئي ويندي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو آفيسرن کي هدايت ڪئي ته جيڪڏهن ڪنهن ايجنٽ، دڪاندار يا ڪنهن به شخص طرفان مستحقن جي امدادي رقم مان ڪٽوتي يا ناجائز وصولي جي شڪايت ملي ٿي ته فوري طور تي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.هن وڌيڪ چيو ته بي آءِ ايس پي تحت غريب ۽ مستحق خاندانن کي ملندڙ امداد حڪومت طرفان هڪ اهم سهولت آهي، ان ۾ مداخلت ڪندڙ عنصر عوام دشمن آهن. ايس ايس پي لاڙڪاڻو سڀني ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي پابند ڪيو آهي ته اهي پنهنجن علائقن ۾ بي آءِ ايس پي مرڪزن ۽ ادائيگي پوائنٽس جي سخت نگراني ڪن ۽ شڪايتن جي صورت ۾ فوري رپورٽ پيش ڪن.











