لاڙڪاڻو پوليس پاران جوابدار ڪلاشنڪوف ۽ گولين سميت گرفتار

لاڙڪاڻو - 30 جنوري (اي پي پي)نئوديرو ۾ لاڙڪاڻو پوليس هڪ ٻي اهم ڪامياب ڪارروائي ڪندي هڪ ملزم  کي ڪلاشنڪوف ۽ گولين سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. تفصيل موجب ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري طرفان جاري ڪيل هدايتن ۽ حڪمن مطابق لاڙڪاڻو پوليس پيٽرولنگ جي نتيجي ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروائين دوران اولڊ برج رائيس ڪينال واري علائقي مان محمد بخش عرف سليم موريو نالي ملزم کي ڪلاشنڪوف ۽ گولين سميت گرفتار …

لاڙڪاڻو – 30 جنوري (اي پي پي)نئوديرو ۾ لاڙڪاڻو پوليس هڪ ٻي اهم ڪامياب ڪارروائي ڪندي هڪ ملزم  کي ڪلاشنڪوف ۽ گولين سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. تفصيل موجب ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري طرفان جاري ڪيل هدايتن ۽ حڪمن مطابق لاڙڪاڻو پوليس پيٽرولنگ جي نتيجي ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروائين دوران اولڊ برج رائيس ڪينال واري علائقي مان محمد بخش عرف سليم موريو نالي ملزم کي ڪلاشنڪوف ۽ گولين سميت گرفتار ڪري سنڌ آرمس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.گرفتار ملزم کان وڌيڪ جاچ سميت قانوني ۽ ضابطي جون ڪارروائيون جاري آهن.