ڪجهه سياسي پارٽين گل پلازا افسوسناڪ سانحي تي سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيتوڻيڪ انساني جان جي ڪا به قيمت ناهي، پر سنڌ سرڪار بنا ڪنهن پبلسٽي جي شهيدن جي خاندانن جي امداد ڪئي آهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي-29 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته گل پلازا سانحي کانپوءِ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلي تحت سانحي جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي جي جاچ رپورٽ جي جائزي لاءِ ھڪ سب ڪميٽي جوڙي وئي ھُئي، جاچ رپورٽ اچڻ بعد ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ جي …

ڪراچي-29 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته گل پلازا سانحي کانپوءِ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلي تحت سانحي جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي جي جاچ رپورٽ جي جائزي لاءِ ھڪ سب ڪميٽي جوڙي وئي ھُئي، جاچ رپورٽ اچڻ بعد ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ جي صدارت ھيٺ ٿيو، جنھن ۾ فيڪٽ فائيڊنگ جو جائزو ورتو ويو ۽ رپورٽ جي روشني ۾ اھم فيصلا ڪيا ويا. حادثي جي وقت عمارت ۾ 2000 کان 2500 ماڻھو موجود ھُئا، جن ۾ دڪانن جا مالڪ، ملازم ۽ گراھڪ شامل ھُئا، ريسڪيو جي عملي ڪيترن ئي ماڻھن کي ٻاھر ڪڍيو، اِن سانحي ۾ 80 ماڻھو حياتيون وڃائي ويٺا. هن ڪراچي جي ڪمشنر حسن نقوي ۽ اي آءِ جي ڪراچي آزاد خان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته رپورٽ کانپوءِ اھو مشاھدو ٿيو ته سول ڊفينس گل پلازا سميت ٻين عماتن جا فائر سيفٽي آڊٽس ڪيا، ان سلسلي ۾ ڪي به اثرائتا اصلاحي قدم يا قانوني عمل ۾ اختيار نه ڪيا ويا، ڊائريڪٽر سول ڊفينس ۽ ايڊيشنل ڪنٽرولر سول ڊفينس معاملي کي مناسب طريقي سان نه سنڀاليو ۽ ڪابه ڪارروائي نه ڪئي. گل پلازا انتظاميه کي ٻه ڀيرا نوٽيس به ڏنا ويا ته فائر سيفٽي جي حوالي سان جوڳا انتظام موجود ناھن، ڪارروائي نه ڪرڻ تي ڊائريڪٽر سول ڊفينس ۽ ايڊيشنل ڪنٽرولر سول ڊفينس ڏکڻ کي معطل ڪيو ويو آھي ۽ سندن خلاف لاڳاپيل ضابطن تحت کاتي جاتي ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪراچي واٽر ڪارپوريشن پاران پاڻي جي فراھمي ۾ دير ٿي، جنھن جي ڪري باھ وسائڻ جو عمل متاثر ٿيو، چيف انجنيئرن ۽ انچارج ڪراچي واٽر ڪارپوريشن کي فوري طور تي معطل ڪيو ويو آھي ۽ سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ غلفت سامھون اچڻ تي ٻين آفيسرن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪي ايم سي ۽ ريسڪيو 1122 وٽ اھڙي قسم جي باھ کي منھن ڏيڻ لاءِ فائر فائيٽنگ سامان، سکيا ۽ عملي صلاحيت ناڪافي ھُئي، وسيلن جي شديد کوٽ ۽ مشڪلاتن جي باوجود ڪي ايم سي ۽ ريسڪيو 1122 جي عملي نھايت جرئت جو مظاھرو ڪيو، ان دوران فائرمين فرقان شوڪت شھيد ٿي ويو، جنھن کي اسين سلام پيش ڪريون ٿا. سينئر ڊائريڪٽر ميونسل سروسز ڪي ايم سي کي فوري طور تي معطل ڪيو ويو آھي ۽ فائر اسٽاف جي صلاحيت کي يقيني بڻائڻ ۾ ناڪامي تي سندس خلاف کاتي جاتي ڪارروائي ڪئي ويندي، لاڳاپيل کاتو فوري طور تي ضرورتن جو جائزو وٺندو ته جيئن صوبائي ۽ مڪاني ادارن جي باھ وسائڻ وارين صلاحيتن کي بھتر ۽ مضبوط بڻائي سگھن، جنھن ۾ سامان، تربيت، افرادي قوت ۽ انفراسٽرڪچر شامل ھوندو، اُن جائزي جي بنياد تي مستقبل لاءِ قدم کنيا ويندا ته جيئن اھڙي قسم جا واقعا ٻيھر نه ٿين. هن چيو ته وڏو وزير اڳواٽ ئي چئي چُڪو آھي ته ڪي ايم سي، ريسڪيو 1122 ۽ سول ڊفينس کي ھڪ ڇت ھيـٺيان آڻڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي ته جيئن سندن صلاحيت ۾ اضافو ٿئي ۽ وسيلن جي کوٽ نه رھي. ھن چيو ته گل پلازا جي انتظاميه وٽ باھ کي روڪڻ لاءِ جوڳو نظام موجود نه ھُو، جنھن جي اڳواٽ ئي لکت ۾ نشاندھي ڪئي وئي ان تي عملي ڪارروائي نه ٿيڻ تي سول ڊفينس جي آفيسرن کي معطل ڪيو ويو، انتظاميه کي ٻڌايو ويو ھو پر اُنھن جوڳا انتظام نه ڪيا، عمارت جي تعمير منظور ٿيل بلڊنگ پلان جي خلاف ڪئي وئي، جنھن جي ڪري عوام کي محفوظ نموني نڪرڻ ۽ فائر فائيٽنگ ۾ ڏکيائي ٿي، انتظاميه نوٽيسز باوجود سڌاري لاءِ قدم نه کنيا، ان ڪري فيصلو ڪيو ويو ته انتظاميه جي ڪردار ۽ طرز عمل جو جائزو ورتو ويندو ۽ جيڪڏھن ڪا فوجداري غفلت ثابت ٿي ته قانوني ڪارروائي ٿيندي. ھن چيو ته ڪميٽي بلڊنگ جي منظورين ۽ ليز ۾ سنگين بي ضابطگين جي نشاندھي ڪئي، ايس بي سي اي، اڳوڻن ادارن ۽ ڪي ايم سي جي ڪردار جو 1979ع، 1983ع، 1986ع، 1991ع، 1998ع، 2003ع ۽ 2015ع ۾ ڏنل منظورين ۽ ليز جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو. وڌيڪ اھو به ڏٺو ويندو ته گل پلازا جي حوالي سان فائر ۽ بلڊنگ سيفٽي قانونن تي عمل ٿيو هو يا نه. ان موقعي تي اينٽي ڪرپيشن کي ھدايت ڪئي وئي آھي ته اھو اُن جو جائزو وٺي ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪري. ھن چيو ته حڪومت طرفان ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکيو ويو آھي ۽ ھاءِ ڪورٽ جي ھڪ حاضر جج کي مقرر ڪيو وڃي ته جيئن ھو قانوني طور تي جاچ ڪري ۽ جائزو وٺي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حڪومت ڪڏھن پنھنجو پاڻ کي آجو ناھي سمجھيو، جتي حڪومت جي ڪوتاھي ھُئي اُن جو اعتراف ڪيو ويو ۽ جتي ڪنھن ٻئي اداري جي ڪوتاھي ھُئي اُن جي نشاندھي ڪئي وئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪجهه سياسي پارٽين هن افسوسناڪ سانحي تي سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيتوڻيڪ انساني جان جي ڪا به قيمت ناهي. پر حڪومت بغير ڪنهن پبلسٽي جي شهيدن جي خاندانن جي امداد ڪئي آهي. اينٽي ڪرپشن انڪوائري ماضي ۾ ٿيندڙ بي ضابطگين جي جاچ ڪندي. حڪومت ڪنهن به سياسي پارٽي کي نه پر عوام کي جوابده آهي، اهو ئي سبب آهي جو ان پنھنجون خاميون پڻ واضح ڪيون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ آزاد خان چيو ته هڪ گلن جي دڪان ۾ باهه لڳي وئي، جتي هڪ 11 سالن جو ٻار موجود هو. ايڊشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان چيو ته هڪ 11 سالن جو ۽ هڪ 13 سالن جو ٻار دڪان ۾ راند ڪري رهيا هئا، جنهن مان حادثاتي طور تي باهه لڳي وئي، جنهن جو ٻارن پاڻ اعتراف ڪيو. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ڪنهن به دٻاءُ ۾ نه آھي. ڪراچي ۾ باهه جا 1100 کان وڌيڪ واقعا ٿيا آهن، پر هي سانحو سڀ کان وڏو هو ۽ حڪومت پنهنجين خامين جو به اعتراف ڪيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حڪومت ڪنهن تي الزام تراشي نه پئي ڪري، پر ان جو مقصد حقيقتن کي شفاف طريقي سان سامهون آڻڻ آهي. هن واضح ڪيو ته عدالتي ڪميشن ايم ڪيو ايم (پاڪستان) جي مطالبي تي نه جوڙيو پيو وڃي. حڪومت ڪنهن به سياسي دٻاءُ يا پوائنٽ اسڪورنگ تحت فيصلا نه پئي ڪري ۽ سمورا ثبوت عدالت يا عدالتي ڪميشن جي سامهون پيش ڪيا ويندا. شروعاتي نتيجن ۾ هر لاڳاپيل آفيسر ۽ اداري جي ذميواري واضح آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن جي غفلت ظاهر ٿي ته اعليٰ آفيسرن خلاف پڻ ڪارروائي ڪئي ويندي. فيصلي جو اختيار ۽ وقت لاڳاپيل جج يا ڪميشن پاران طئي ڪيو ويندو ۽ حڪومت شفاف ۽ صحيح معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ مڪمل ذميواري سان ڪم ڪري رهي آهي.