ڪراچي-29 جنوري (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي ۾ منعقد ٿيندڙ 7 سي پي اي ايشيا ريجنل ڪانفرنس ۽ ٻي جوائنٽ سي پي اي ڪانفرنس 2026ع جي سيڪيورٽي انتظامن بابت هڪ اهم اجلاس سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه ۽ سنڌ جي گهرو وزير جي گڏيل صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اسپيڪر جي ترجمان مطابق اجلاس دوران اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه شرڪت ڪندڙن کي ڪانفرنس دوران غير ملڪي اسپيڪرن …
سنڌ اسيمبلي ۾ منعقد ٿيندڙ ستين سي پي اي ايشيا ريجنل ڪانفرنس ۽ ٻي جوائنٽ سي پي اي ڪانفرنس 2026ع جي سيڪيورٽي انتظامن بابت اهم اجلاس سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه ۽ سنڌ جي گهرو وزير جي گڏيل صدارت هيٺ منعقد
ڪراچي-29 جنوري (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي ۾ منعقد ٿيندڙ 7 سي پي اي ايشيا ريجنل ڪانفرنس ۽ ٻي جوائنٽ سي پي اي ڪانفرنس 2026ع جي سيڪيورٽي انتظامن بابت هڪ اهم اجلاس سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه ۽ سنڌ جي گهرو وزير جي گڏيل صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اسپيڪر جي ترجمان مطابق اجلاس دوران اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه شرڪت ڪندڙن کي ڪانفرنس دوران غير ملڪي اسپيڪرن ۽ ملڪ توڙي پرڏيهي اسيمبلين مان ايندڙ وفدن جي مڪمل پروگرام ۽ شيڊول بابت آگاهي ڏني. هن ٻڌايو ته هي ڪانفرنس ڏکڻ اوڀر ايشيا جي علائقائي سطح تي منعقد ٿي رهي آهي، جيڪا سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ عالمي سطح تي هڪ اهم اعزاز آهي. اسپيڪر ان عزم جو اظهار ڪيو ته سنڌ هر حال ۾ پنهنجي روايتي مهمان نوازي کي برقرار رکندي ۽ غير ملڪي مهمانن جي آجيان لاءِ سڀ انتظام اعليٰ معيار موجب يقيني بڻايا ويندا. سنڌ جي گهرو وزير اجلاس کي خطاب ڪندي، آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ايڊيشنل آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته ڪانفرنس کي نظر ۾ رکندي فول پروف سيڪيورٽي پلان ترتيب ڏنو وڃي ۽ غير ملڪي معزز مهمانن جي اچ وڃ دوران سخت، اثرائتا ۽ مربوط سيڪيورٽي انتظام يقيني بڻايا وڃن. هن واضح ڪيو ته سيڪيورٽي انتظامن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي هرگز برداشت نه ڪئي ويندي. سنڌ جي گهرو وزير وڌيڪ هدايتون ڏيندي چيو ته اسپيشل برانچ سميت سڀني پوليس ۽ انٽيليجنس ادارن کي مڪمل طور تي متحرڪ رکيو وڃي، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ۾ هڪ مرڪزي ڪنٽرول روم قائم ڪيو وڃي ته جيئن سيڪيورٽي معاملن جي مڪمل نگراني ڪري سگهجي. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ڪانفرنس دوران ويلڪم ڊيسڪ جي سخت نگراني ڪئي ويندي، جڏهن ته مهمانن جي اچ وڃ وارن رستن تي پوليس ڪمانڊوز کي هر وقت چوڪس ۽ متحرڪ رکيو ويندو ته جيئن ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچي سگهجي. اجلاس ۾ گھرو کاتي جو سيڪريٽري، سيڪريٽري قانون، انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سنڌ، ايڊيشنل آءِ جيز ڪراچي، ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي)، پوليس آپريشنز، اسپيشل برانچ، ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ، ڪمانڊنٽ اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ (ايس ايس يو) سميت ٻين سينيئر پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ اسيمبلي جو سيڪريٽري ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ اجلاس ۾ موجود هئا. اجلاس جي پڄاڻي تي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته سي پي اي ڪانفرنس 2026ع دوران مهمانن جي سيڪيورٽي ۽ سهولتن کي اولين ترجيح ڏني ويندي ۽ سڀ ادارا گڏيل تعاون سان پنهنجون ذميواريون نڀائيندا. واضح رهي ته سنڌ اسيمبلي ستين سي پي اي ايشيا ريجنل ڪانفرنس جي ميزبان آهي ۽ ڪراچي هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي ڌيان جو مرڪز بڻجڻ وڃي رهي آهي، جتي سنڌ اسيمبلي ستون ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن ايشيا ريجنل ڪانفرنس جي ميزباني لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي. هي اهم ڪانفرنس 3 کان 7 فيبروري تائين ڪراچي ۾ منعقد ٿيندي، جنهن ۾ ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي مختلف ملڪن مان پارلياماني وفد شرڪت ڪندا. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاهه هن ڪانفرنس کي پاڪستان، خاص طور سنڌ جي پارلياماني تاريخ ۾ هڪ سنگ ميل قرار ڏيندي چيو ته هي ڪانفرنس جمهوري قدرن جي واڌاري، پارلياماني روايتن جي مضبوطي ۽ علائقائي تعاون لاءِ نهايت اهم ثابت ٿيندي. هن چيو ته ”مستقبل جي پارليامينٽ“ جي عنوان هيٺ منعقد ٿيندڙ هي ڪانفرنس جمهوريت کي مضبوط بڻائڻ ۽ پارلياماني نظام کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ طرف هڪ اثرائتو قدم آهي. ڪانفرنس ۾ ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي 14 پارليامينٽن جا وفد ڪراچي پهچندا، جن جي ميزباني لاءِ سنڌ اسيمبلي پاران سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. مجموعي طور 159 نمائندا ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندا، جن مان 47 عالمي سطح جا نمائندا آهن، جڏهن ته 13 اسپيڪرن ۽ پريذائيڊنگ آفيسرن جي شرڪت جي باضابطا تصديق ٿي چڪي آهي. اسپيڪر اويس قادر شاهه پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيو ته، ”اعتماد، شموليت ۽ جدت وسيلي جمهوريت جي نئين تشريح وقت جي اهم ضرورت آهي.“ هن واضح ڪيو ته ڪانفرنس جو بنيادي مقصد علائقي ۾ امن، ترقي ۽ پارلياماني تعاون کي هٿي ڏيڻ آهي، جيئن گڏيل چيلينجن جو اثرائتو حل ڳولهي سگهجي. هن ان ڳالهه کي به سٺو سنوڻ قرار ڏنو ته غير ووٽنگ پارليامينٽن، جن ۾ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير پڻ شامل آهن، جي شرڪت وفاقي يڪجهتي ۽ قومي هم آهنگي جي واضح علامت آهي، جيڪا پاڪستان جي پارلياماني نظام جي جامع سوچ کي اجاگر ڪري ٿي.











