لاڙڪاڻي ۾ اسڪولس ايجوڪيشن پرائمري ريجن لاڙڪاڻو جي ڊائريڪٽر طرفان سائنسي نمائش منعقد

لاڙڪاڻو-29 جنوري (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ اسڪولس ايجوڪيشن پرائمري ريجن لاڙڪاڻو جي ڊائريڪٽر خليل احمد مهر ڊويزن سطح تي شهر جي هڪ مقامي شادي هال ۾ اسٽيم ڪامپيٽيشن سال 2026ع جي عنوان سان سائنسي نمائش منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪمشنر لاڙڪاڻو طاهر حسين سانگي، محتسب اعليٰ سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر علي اڪبر جاگيراڻي، ڊي اِي او پرائمري لاڙڪاڻو انيس الرحمان جلباڻي، سي ايم او ياسر علي سولنگي، ڊي …

لاڙڪاڻو-29 جنوري (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ اسڪولس ايجوڪيشن پرائمري ريجن لاڙڪاڻو جي ڊائريڪٽر خليل احمد مهر ڊويزن سطح تي شهر جي هڪ مقامي شادي هال ۾ اسٽيم ڪامپيٽيشن سال 2026ع جي عنوان سان سائنسي نمائش منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪمشنر لاڙڪاڻو طاهر حسين سانگي، محتسب اعليٰ سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر علي اڪبر جاگيراڻي، ڊي اِي او پرائمري لاڙڪاڻو انيس الرحمان جلباڻي، سي ايم او ياسر علي سولنگي، ڊي اِي او قمبر شهدادڪوٽ عنايت علي چانڊيو، سي ايم او سيد بلاول شاھ، ڊي اِي او شڪارپور سعد الله ٻگهيو، ڊي اِي او ڪنڌڪوٽ ڪشمور سيد عبدالغفار شاھ، ڊي اِي او جيڪب آباد خدا بخش دايو، پ ٽ الف لاڙڪاڻي جي اڳواڻ اشفاق احمد ڌامراھ، عبدالرشيد چانڊيو، گلبهار مگسي، منير احمد ڀٽو، ممتاز سومرو، محمد پناھ سيال، الطاف حسين لاشاري، مظهر علي ڀٽي، صفيه بروهي، خالده چانڊيو، زاهد حسين سومرو، ايم حنيف سومرو، طارق حسين دائودپوٽو، فرحت ياسمين، عبدالقيوم ڪرٽيو، شاهد لاشاري سميت تعليم کاتي جي آفيسرن، مختلف اسڪولن جي استادن، شاگردن، شاگردياڻين ۽ اسٽاف وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته فيسٽيول ۾ 5 ئي ضلعن سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان سائنس، ڪلچر، آرٽ سميت 33 مختلف اسٽال لڳايا ويا، جن اسٽالن ۾ اسڪولي ٻارڙن پاران ٺاهيل ماڊل نمائش لاءِ رکيا ويا هئا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسڪول ايجوڪيشن پرائمري ريجن لاڙڪاڻو جي ڊائريڪٽر خليل احمد مهر چيو ته اڄ ڊويزن سطح تي لاڙڪاڻي ۾ سائنسي ميلو لڳايو ويو آهي، جنهن ۾ پرائمري اسڪولن جي ٻارڙن گهريلو ۽ سستين شين مان مختلف قسمن جا ماڊل ٺاهي اسٽالن تي پيش ڪيا آهن، جڏهن ته هن پروگرام جو مقصد صرف اسڪولي ٻارڙن ۾ آگاهي ڏيڻ آهي. هن چيو ته اسڪولن ۾ اڳ استادن جي کوٽ هئي، سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي صوبي طرفان ميرٽ جي بنياد تي نوان استاد ڀرتي ڪري اها کوٽ ختم ڪري سرڪاري اسڪولن کي بهترين استاد ڏنا آهن، جيڪي هن وقت پرائمري اسڪولن ۾ ٻارڙن کي بهترين نموني تعليم ڏئي رهيا آهن، جنهن سان ٻارڙن جي پڙهائي وارو معيار بلند ٿيو آهي، جڏهن ته هن پروگرام ذريعي ٻارڙن ۾ نئون جوش ۽ جذبو پيدا ٿيندو. ان موقعي تي ڊي اِي او پرائمري لاڙڪاڻو انيس الرحمان جلباڻي چيو ته هي پروگرام ريجن سطح تي ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ مختلف ضلعن جي ٻارڙن طرفان سائنس، آرٽ، ڪلچر ۽ ٻين شين جا ماڊل سجايا آهن، جنهن ۾ استادن جي ڀرپور محنت پڻ شامل آهي، اهڙي قسم جي پروگرامن سان ٻارڙن اندر صلاحتيون وڌنديون ۽ انهن کي هڪ ٻئي مان سکڻ جا موقعا پڻ ملندا. هوڏانهن فيسٽيول ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي روڪ رقم، شيلڊ ۽ ٻيا انعام پڻ ڏنا ويا.