لاڙڪاڻو-29 جنوري (اي پي پي) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار لاڙڪاڻو جون ساليانيون چونڊون سينيئر وڪيل محمد عاشق ڌامراهه جي نگرانيءَ ۾ 28 مارچ تي ٿينديون، سالياني چونڊن جو شيڊيول پڻ جاري ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئشن لاڙڪاڻو جون چونڊون 28 مارچ تي اليڪشن ڪمشنر / ريٽرننگ آفيسر سينيئر وڪيل محمد عاشق ڌامراهه جي نگرانيءَ ۾ ٿينديون. ان حوالي سان بار جي جنرل سيڪريٽري محمد …
سنڌ هاءِ ڪورٽ بار لاڙڪاڻو جون ساليانيون چونڊون 28 مارچ تي ٿينديون
لاڙڪاڻو-29 جنوري (اي پي پي) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار لاڙڪاڻو جون ساليانيون چونڊون سينيئر وڪيل محمد عاشق ڌامراهه جي نگرانيءَ ۾ 28 مارچ تي ٿينديون، سالياني چونڊن جو شيڊيول پڻ جاري ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئشن لاڙڪاڻو جون چونڊون 28 مارچ تي اليڪشن ڪمشنر / ريٽرننگ آفيسر سينيئر وڪيل محمد عاشق ڌامراهه جي نگرانيءَ ۾ ٿينديون. ان حوالي سان بار جي جنرل سيڪريٽري محمد آصف چانڊيو جي صحيح سان شيڊيول پڌرو ڪندي سيڪريٽري سنڌ بار ڪائونسل کي خط اماڻي ڇڏيو آهي، جنهن موجب چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوار 2 مارچ کان 4 مارچ تائين نامزدگي فارم وصول ۽ جمع ڪرائي سگهندا. جمع ڪرايل نامزدگي فارمن تي 5 مارچ تائين اعتراض داخل ڪري سگهجن ٿا. 6 مارچ تي اسڪروٽني جو عمل شروع ٿيندو ۽ ساڳي ئي ڏينهن بحال ٿيل نامزدگي فارمن جي فهرست جاري ڪئي ويندي. 7 مارچ تي اميدوار هٿ کڻي سگهندا ۽ ساڳي ئي ڏينهن حتمي فهرست جاري ڪئي ويندي جنهن کان پوءِ ڪنهن به وقت اميدوار رٽائرمينٽ وٺي سگهندو. جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن لاڙڪاڻو جي سالياني چونڊن جي لاءِ پولنگ 28 مارچ تي ٿيندي جنهن ۾ مرد ۽ عورت وڪيل پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا.











