ڪراچي-28 جنوري (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پُرامن بقاءِ واري عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته امن رڳو جنگ جي غير موجودگي ناهي، پر هڪٻئي جي عزت سان زندگي گذارڻ آهي. وڏي وزير چيو ته مختلف مذهبن، ثقافتن ۽ ٻولين جو احترام ئي پُرامن سماج جي بنياد تي آهي ۽ سنڌ سدائين رواداري، برداشت ۽ هم آهنگيءَ جي علامت …
امن رڳو جنگ جي غير موجودگي ناهي، پر هڪٻئي جي عزت سان زندگي گذارڻ آهي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه
ڪراچي-28 جنوري (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پُرامن بقاءِ واري عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته امن رڳو جنگ جي غير موجودگي ناهي، پر هڪٻئي جي عزت سان زندگي گذارڻ آهي. وڏي وزير چيو ته مختلف مذهبن، ثقافتن ۽ ٻولين جو احترام ئي پُرامن سماج جي بنياد تي آهي ۽ سنڌ سدائين رواداري، برداشت ۽ هم آهنگيءَ جي علامت رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پُرامن بقاءِ کي ھٿي ڏيڻ ۾ تعليم جو ڪردار تمام گھڻي اھميت رکي ٿو ۽ محفوظ ۽ گڏيل دنيا لاءِ سڀني کي سندن ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. سيد مراد علي شاهه چيو ته گڏيل قومن جي اصولن مطابق امن ۽ انصاف تي ٻڌل سماج اسان جي ترجيح آهي ۽ عالمي تڪرارن جي هن دور ۾ برداشت ۽ ڳالهه ٻولهه اڳ کان وڌيڪ ضروري آهي.











