ڪراچي-28 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ سڄي صوبي ۾ موجود ڪاليجن جي بنيادي ڍانچي کي نقصان پهچائيندڙ سمورن ٺيڪيدارن ۽ غفلت ڪندڙ انجنيئرن خلاف سخت ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ناقص تعميرات، دير ۽ غير معياري مٽيريل جي استعمال سان سرڪاري خزاني ۽ انساني حياتين کي خطري ۾ وجهندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو. …
سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن پاران ڪوتاهي ڪندڙ ٺيڪيدارن ۽ انجنيئرن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان
ڪراچي-28 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ سڄي صوبي ۾ موجود ڪاليجن جي بنيادي ڍانچي کي نقصان پهچائيندڙ سمورن ٺيڪيدارن ۽ غفلت ڪندڙ انجنيئرن خلاف سخت ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ناقص تعميرات، دير ۽ غير معياري مٽيريل جي استعمال سان سرڪاري خزاني ۽ انساني حياتين کي خطري ۾ وجهندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو. سڀني کي بليڪ لسٽ ڪيو ويندو، انڪوائري ٿيندي ۽ سزا ملندي. اهڙو اظهار هن ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي هڪ اهم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ سمورن غير حاضر ۽ مفرور آفيسرن توڙي استادن خلاف به فوري قانوني ڪارروائي جو حڪم ڏنو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن کي بريفنگ ڏني وئي ته 36 عورتون ۽ 44 مرد استاد توڙي ملازم هڪ عرصي کان غير حاضر آهن. جنهن تي سيڪريٽري هدايت ڪئي ته سمورن غير حاضر ملازمن کي فوري طور شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا وڃن. 18 هين گريڊ جي آفيسرن جا ڪيس چيف سيڪريٽري ڏانهن موڪليا وڃن ۽ اخبار ۾ اشتهار ڏئي حتمي ڪارروائي مڪمل ڪئي وڃي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صوبي ۾ مانيٽرنگ اينڊ انسپيڪشن ونگ کي گڏ ڪري هڪ بااثر ۽ خودمختيار مانيٽرنگ اينڊ اويليوئيشن ڊائريڪٽوريٽ قائم ڪئي ويندي ته جيئن ڪاليجن ۾ استادن ۽ شاگردن جي حاضري، انفراسٽرڪچر ۽ تعليمي معيار جي باقاعده نگراني ٿي سگهي. جڏهن ته ڊي جي مانيٽرنگ اينڊ اويليوئيشن جي خالي آساميون فوري طور ڀرڻ ۽ آفيس حيدرآباد ۾ قائم ڪرڻ تي به غور ڪيو ويو. سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن هدايت ڪئي ته ڪاليجن جي انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ يونٽ جي قيام لاءِ فوري طور هڪ جامع ڪانسيپٽ پيپر تيار ڪيو وڃي، جيڪو سالياني ترقياتي پروگرام 27-2026ع جو حصو هوندو.سمورن ترقياتي اسڪيمن تي عملدرآمد ڪنسلٽنٽ فرمز ذريعي ڪيو ويندو، جڏهن ته نيشنل ۽ انٽرنيشنل ٽينڊرنگ تحت ڪنسلٽنٽس جي مقرري کي يقيني بڻايو ويندو. اجلاس ۾ ڪاليجن ۾ پرنسپالن جي موجودگي ۽ وقت سر مقرري، ڪيئر ڪائونسلنگ پروگرام جي شروعات، هر سال ٻه ڀيرا سيمينارن کي منعقد ڪرڻ، نالي وارن ماهرن، بيوروڪريٽس، پروفيسرن ۽ تعليمي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ، شاگردن لاءِ عملي ۽ انٽر ايڪٽو سيشنز منعقد ڪرڻ ۽ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن لاءِ "ايڇ ون ٽيچ ون” حڪمت عملي تي عمل ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن نديم الرحمان ميمڻ چيو ته ڪاليج ايجوڪيشن کاتو هڪ پاليسي ساز ادارو آهي، ان ڪري عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. مانيٽرنگ نظام کي اثرائتو بڻائي تعليمي معيار بهتر ڪيو ويندو. ڪاليجن ۾ موبائيل فون جي غير ضروري استعمال تي پابندي لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ۽ سمورن آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي ته اهي پنهنجون ذميواريون چٽي نموني ادا ڪن، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به قسم جي غفلت تي بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي.اجلاس ۾ اسپيشل سيڪريٽري فرخ قريشي، ايڊيشنل سيڪريٽري مختيار ملاح، ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز پروفيسر مير چند اوڏ، سمورن ريجنل ڊائريڪٽرن، چيف انجنيئر ورڪس اينڊ سروسز، ۽ ڊائريڪٽر ڊولپمينٽ سميت ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڪجهه آفيسرن آن لائن شرڪت ڪئي.











