زيبسٽ يونيورسٽي لاڙڪاڻو ڪيمپس جو 20ھون ساليانو ڪانوووڪيشن، انڊر گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ پروگرامن جي 225 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڊگريون ڏنيون ويون

لاڙڪاڻو-28 جنوري (اي پي پي) زيبسٽ يونيورسٽي لاڙڪاڻو ڪيمپس جي 20ھين سالياني ڪانوووڪيشن تقريب شاندار نموني سچل بينڪوئٽ ۾ منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ انڊر گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ پروگرامن جي 225 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڊگريون ڏنيون ويون. تقريب ۾ خاص مھمان طور ڪمشنر لاڙڪاڻو  ڊويزن طاھر حسين سانگي شرڪت ڪئي جنهن  جي شرڪت يونيورسٽي ۽ سرڪاري ادارن وچ ۾ مضبوط ناتن ۽ علائقي جي ترقي ۾ زيبسٽ جي …

لاڙڪاڻو-28 جنوري (اي پي پي) زيبسٽ يونيورسٽي لاڙڪاڻو ڪيمپس جي 20ھين سالياني ڪانوووڪيشن تقريب شاندار نموني سچل بينڪوئٽ ۾ منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ انڊر گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ پروگرامن جي 225 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڊگريون ڏنيون ويون. تقريب ۾ خاص مھمان طور ڪمشنر لاڙڪاڻو  ڊويزن طاھر حسين سانگي شرڪت ڪئي جنهن  جي شرڪت يونيورسٽي ۽ سرڪاري ادارن وچ ۾ مضبوط ناتن ۽ علائقي جي ترقي ۾ زيبسٽ جي مؤثر ڪردار کي اجاگر ڪري ٿي. ڊاڪٽر محمد الطاف مڪاتي، وائيس پريزيڊنٽ (اڪيڊمڪس) سميت ٻين معزز مقررن پنھنجن خطابن ۾ معياري تعليم، اخلاقي قيادت، جدت ۽ سماجي خدمت جي اھميت تي زور ڀريو.زيبسٽ يونيورسٽي لاڙڪاڻو قومي سطح تي پنھنجي تعليمي اداراي کي تعليم ۽ صنعت سان هم آھنگ نصاب جي ڪري نمايان حيثيت رکي ٿي. يونيورسٽي مسلسل اھڙا گريجوئيٽس تيار ڪري رهي آهي جيڪي تنقيدي سوچ، قيادتي صلاحيت ۽ پيشيوراڻي قابليت سان آراسته آهن. اهو ڪيمپس  سنڌ ۾ اعليٰ تعليم تائين رسائي وڌائڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي ڪمشنر لاڙڪاڻو  ڊويزن طاھر حسين سانگي پنھنجي خطاب ۾ گريجوئيٽس کي معاشري جي خدمت ۽ ايمانداري سان قيادت ڪرڻ جي ترغيب ڏني. هن چيو ته زيبسٽ يونيورسٽي اعليٰ تعليم کي هٿي ڏيندي سنڌ ۾ انساني وسيلن جي ترقي، قيادت ۽ سماجي ذميواري کي هٿي وٺرائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. وائيس پريزيڊنٽ (اڪيڊمڪس) پنھنجي خطاب ۾ گريجوئيٽس کي اخلاق، پيشيوراڻن قدرن ۽ خدمت کي هٿي ڏيڻ جي ترغيب ڏني. ڪيمپس جي قيادت، فئڪلٽي جي محنت ۽ شاگردن جي ڪاميابين کي ساراھيو. تعليم کي نه رڳو ذاتي ڪاميابي پر سماجي ذميواري طور اجاگر ڪيو. تقريب دوران ڪل گريجوئيٽ شاگردن جو انگ 225 رهيو. مجموعي طور تي 15 ميڊلز ڏنا ويا. تقريب دوران شاندار تعليمي ڪارڪردگي تي شاگردن کي گولڊ ۽ سلور ميڊلز سان نوازيو ويو، جڏهن ته چانسلر آنر رول ۾ شامل شاگردن کي خصوصي اعزاز ڏنا ويا، جيڪي يونيورسٽي جي ميرٽ، نظم و ضبط ۽ شاندار ثقافت جي عڪاسي ڪن ٿا. اسٽيج تي يونيورسٽي جي سينيئر قيادت ۽ معزز مھمان موجود ھيا جن ۾ ڊاڪٽر زاھده ابڙو هيڊ آف ڪيمپس، ڊاڪٽر محمد الطاف مڪاتي وائيس پريزيڊنٽ اڪيڊمڪس،  امتياز قاضي وائيس پريزيڊنٽ ايڊمن ۽ ايڇ آر قاسم علي سومرو، رجسٽرار ۽ ٻيا شامل ھيا.