ڪراچي-27 جنوري (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ گل پلازا سانحي جي متاثرن لاءِ وسيع رليف ۽ بحالي پيڪيج جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته جاچ ڪميٽي جي رپورٽ تي وڌيڪ ضروري ڪارروائي لاءِ وڏي وزير جي سربراهي ۾ هڪ اعليٰ سطحي ذيلي ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي۔سي ايم جي ترجمان پاران جاري ڪيل خبر موجب اجلاس …
سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪابينه جو اجلاس، گل پلازه متاثرن لاءِ رليف ۽ بحالي پيڪيج جي منظوري
ڪراچي-27 جنوري (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ گل پلازا سانحي جي متاثرن لاءِ وسيع رليف ۽ بحالي پيڪيج جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته جاچ ڪميٽي جي رپورٽ تي وڌيڪ ضروري ڪارروائي لاءِ وڏي وزير جي سربراهي ۾ هڪ اعليٰ سطحي ذيلي ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي۔سي ايم جي ترجمان پاران جاري ڪيل خبر موجب اجلاس دوران ڪراچي جي ترقي کي تيز ڪرڻ ۽ عوامي خدمتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اربين رپين جي انفراسٽرڪچر، ٽرانسپورٽ، پاڻي ۽ ڀلائي منصوبن جي به منظوري ڏني وئي۔ اجلاس جي شروعات ۾ ڪابينا گل پلازا سانحي جي شهيدن لاءِ فاتحه پڙهي۔ وڏي وزير چيو ته حڪومت جي اولين ذميواري متاثر خاندانن کي فوري رليف فراهم ڪرڻ سان گڏ احتساب کي يقيني بڻائڻ آهي۔ هن چيو انساني جانين تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي۔ رليف، انصاف ۽ روڪٿام گڏ گڏ هلڻ گهرجن. ڪابينا گل پلازا واقعي ۾ قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي جامع معاوضي ۽ بحالي پيڪيج جي منظوري ڏني۔ فوت ٿيلن جي وارثن کي في خاندان هڪ ڪروڙ رپيا مالي امداد ڏني ويندي۔ متاثر واپارين جي مدد لاءِ ڪابينا في دڪاندار هڪ ڪروڙ رپين تائين بنا وياج جي قرضن جي منظوري ڏني جنهن جو سمورو وياج سنڌ حڪومت ادا ڪندي۔ ان کان علاوه في دڪاندار پنج لک رپيا فوري گذر سفر الائونس طور ڏنا ويندا جيئن گهريلو ۽ يوٽيلٽي خرچ پورا ڪري سگهجن۔ وڏي وزير هدايت ڪئي ته واپارين کي پنهنجو ڪاروبار ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ ٻن مهينن اندر متبادل واپاري جايون فراهم ڪيون وڃن، جنهن جي ڪابينا منظوري پڻ ڏني۔ جاچ ڪميٽي جي رپورٽ جو جائزو وٺڻ، ذميوار مقرر ڪرڻ ۽ انصاف کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ذيلي ڪميٽي قائم ڪئي وئي جنهن ۾ وزير شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، سعيد غني ۽ ضياءُ الحسن لنجار شامل آهن۔ ياد رهي ته وڏي وزير اڳ ۾ ئي ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي هئي جنهن ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان ۽ ٻيا ميمبر شامل هئا۔ وڏي وزير واضح ڪيو ڪابه غفلت نظرانداز نه ڪئي ويندي جيڪي به ذميوار ثابت ٿيندا انهن کي قانون موجب جوابده بڻايو ويندو. سنڌ ڪابينا ڪراچي ۾ ڇهن وڏن روڊ انفراسٽرڪچر منصوبن جي فوري عملدرآمد لاءِ 19 ارب 11 ڪروڙ 60 لک رپين جي منظوري ڏني۔ انهن منصوبن ۾ اسٽار گيٽ فلاءِ اوور، ملير هالٽ انڊر پاس، سهراب گوٺ فلاءِ اوور ۽ ايم-9 کان ملير ۽ مين ڪورنگي روڊ کان خيابانِ سعدي تائين اهم شاهراهن جي نئين سر تعمير شامل آهي۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اهي منصوبا ٽريفڪ جي دٻاءَ ۾ گهٽتائي، روڊ سيفٽي جي بهتري ۽ ڪراچي جي معاشي سرگرمين جي واڌ لاءِ انتهائي ضروري آهن ۽ بلدياتي کاتي کي بنا دير ڪم شروع ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون۔ ڪابينا بي آر ٽي ييلو لائين جي نظرثاني ڪيل پي سي-ون جي منظوري ڏني، جنهن تحت منصوبي جي لاڳت وڌائي 620 ملين ڊالر ڪئي وئي آهي۔ ان ۾ اليڪٽرڪ بسن جي خريداري ۽ فلاءِ اوورن جي تعمير لاءِ عالمي بئنڪ جي اضافي فنانسنگ پڻ شامل آهي۔ منصوبي جي تڪميل لاءِ حدف 31 ڊسمبر 2028 مقرر ڪئي وئي آهي۔ بي آر ٽي ريڊ لائين لاءِ ڪابينا ملير ڊپو جي زمين جي خريداري خاطر 30 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏني جڏهن ته ٻڌايو ويو ته منصوبو جون 2026 تائين مڪمل ٿيڻ جي شيڊول تي برقرار آهي۔ لياري ايڪسپريس وي جي 53 متاثرن جي 31 ڪروڙ 50 لک رپين جي معاوضي جي دعوائن جو جائزو وٺڻ لاءِ وزير ناصر حسين شاهه جي سربراهي ۾ هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي۔ وڏي وزير واضح ڪيو ته جيتوڻيڪ هي منصوبو وفاقي اختيار هيٺ آهي پر قانوني طور دعوائون درست ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ صوبائي حڪومت مدد ڪندي. شهر ۾ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪابينا 36 ڪلوميٽر ڊملوٽي کان ڊي ايڇ اي پاڻي پائپ لائن منصوبي کي فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏني۔ سنڌ حڪومت منصوبي جي وقت سر تڪميل لاءِ واٽر بورڊ کي 10 ارب 55 ڪروڙ رپيا فراهم ڪندي۔ ڪابينا ميئر حيدرآباد جي درخواست تي ديھ ڀيلو مياڻو ۾ 6 ايم جي ڊي واٽر فلٽريشن پلانٽ جي انسٽاليشن لاءِ 100 ايڪڙ ٻيلي جي زمين حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن کي الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني۔ ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته هن منصوبي سان شهر ۾ پاڻي جي کوٽ جي مسئلي کي گهڻي حد تائين حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي۔ شروعاتي طور 400 ايڪڙ زمين جي درخواست ڪئي وئي هئي، پر ڪابينا الاٽمينٽ کي 100 ايڪڙ تائين محدود رکيو ۽ بلدياتي کاتي کي هدايت ڪئي ته ٻيلي کاتي کي معاوضي طور 100 ايڪڙ متبادل زمين پوک لاءِ فراهم ڪئي وڃي۔ ڪابينا اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اين ايف) سان معاهدي ۾ ٻن سالن (2027 تائين) جي واڌ جي منظوري ڏني جنهن تحت ڪراچي، منگهوپير ۽ ملير ۾ قائم ٽن وڏن منشيات کان ڇوٽڪاري جي مرڪزن جون خدمتون جاري رهنديون۔ زرعي شعبي ۾ لاڙڪاڻو ۾ 6 ارب 37 ڪروڙ 10 لک رپين جي لاڳت سان جديد فروٽ اينڊ ويجيٽيبل منڊي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي۔ 46 ايڪڙ ايراضيءَ تي پکڙيل هن منصوبي ۾ جديد ڪولڊ اسٽوريج، واپارين لاءِ ريسٽورنٽ/هوٽل ۽ 1 ميگاواٽ شمسي توانائي جو نظام شامل هوندو۔ ورڪرز ويلفيئر بورڊ سنڌ کي مالڪن ۽ مزدورن جي برابر نمائندگي سان ٻيهر ترتيب ڏنو ويو ته جيئن ويلفيئر فنڊن جو شفاف استعمال يقيني بڻائي سگهجي۔ ڪابينا سنڌ رينيوبل انرجِي ڪمپني (ايس آر اي سي) کي بند ڪرڻ جي منظوري ڏني ڇاڪاڻ ته ان جا ڪم اڳ ئي انرجي کاتو انجام ڏئي رهيو آهي۔ 2012 ۾ قائم ٿيل هن ڪمپني ۾ 10 ڪروڙ 16 لک 22 هزار رپين جي سيڙپڪاري ڪئي وئي هئي۔ ڪابينا فيصلو ڪيو ته ٻيهر انتظام کان بچڻ ۽ انتظامي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪمپني کي ختم ڪيو وڃي۔ سنڌ ڪابينا صوبي جي لا ڪاليجن ۾ گورننس، نگراني ۽ تعليمي انتظامن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ست غير سرڪاري ميمبرن جي بورڊ آف گورنرز ۾ مقرري جي منظوري ڏني۔ اجلاس جي پڄاڻي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه زور ڀريندي چيو متاثرن لاءِ رليف، جديد انفراسٽرڪچر ۽ شفاف حڪمراني اسان جون ترجيحون آهن۔ اهي فيصلا عملي طور عوام لاءِ صاف ۽ نظر ايندڙ بهتري ۾ تبديل ٿيڻ گهرجن.











