سنڌ جي گورنر سان ايڊيشنل آءِ جي ڪراچيءَ جي ملاقات

ڪراچي-27 جنوري (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان گورنر ھائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي گورنر کي گل پلازا سانحي تي تفصيلي بريفنگ بھ ڏني ۽ گل پلازا سانحي جي جانچ ۽  اڳڀرائي کان گورنر کي آگاھ ڪيو ويو. گورنر ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي گل پلازا سانحي جي ذميدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي ھدايت …

ڪراچي-27 جنوري (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان گورنر ھائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي گورنر کي گل پلازا سانحي تي تفصيلي بريفنگ بھ ڏني ۽ گل پلازا سانحي جي جانچ ۽  اڳڀرائي کان گورنر کي آگاھ ڪيو ويو. گورنر ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي گل پلازا سانحي جي ذميدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. ڪامران خان ٽيسوري ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي نيون ذميداريون سنڀالڻ تي آزاد خان کي واڌايون ڏنيون ۽ نيڪ تمنائن جو اظھار ڪيو.  گورنر هائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب گورنر چيو آھي تھ ڪراچي پاڪستان جي معاشي ڪرنگھي جي ھڏي آهي ۽ شھر ۾ امن امان جو تسلسل حڪومت جي اولين ترجيح آھي. شھرين جي تحفظ کي يقيني بنائڻ لاءِ نگراني ڪيميرائون لڳائڻ اڻٽر آھي.