سڄي پنجاب ۾ 1222 روڊ حادثن ۾  12 ڄڻا فوت، 1388 زخمي

لاهور-27 جنوري (اي پي پي) سڄي پنجاب ۾ 1222 ٽريفڪ حادثن ۾ 12 ڄڻا فوت ۽ 1388 زخمي ٿي پيا. ريسڪيو 1122 ترجمان مطابق ايمرجنسي سروسز ڊيپارٽمنٽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي پنجاب ۾ 1222 ٽريفڪ حادثن کي ريسپانڊ ڪيو، جن ۾ 553 ڄڻا شديد زخمي ٿيا جن کي فوري طور تي ويجهي ضلعي ۽ تعلقي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو. ترجمان مطابق 835 معمولي زخمين کي ريسڪيو ميڊيڪل ٽيمن واقعي واري هنڌن تي بروقت طبي امداد فراهم ڪئي. …

لاهور-27 جنوري (اي پي پي) سڄي پنجاب ۾ 1222 ٽريفڪ حادثن ۾ 12 ڄڻا فوت ۽ 1388 زخمي ٿي پيا. ريسڪيو 1122 ترجمان مطابق ايمرجنسي سروسز ڊيپارٽمنٽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي پنجاب ۾ 1222 ٽريفڪ حادثن کي ريسپانڊ ڪيو، جن ۾ 553 ڄڻا شديد زخمي ٿيا جن کي فوري طور تي ويجهي ضلعي ۽ تعلقي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو. ترجمان مطابق 835 معمولي زخمين کي ريسڪيو ميڊيڪل ٽيمن واقعي واري هنڌن تي بروقت طبي امداد فراهم ڪئي. انهن حادثن ۾ وڌيڪ انگ (73 سيڪڙو) موٽر سائيڪلن جو آهي. ريسڪيو 1122 جي صوبائي مانيٽرنگ سيل کي موصول ٿيل ايمرجنسي ڪالز مطابق انهن ٽريفڪ حادثن ۾ 809 ڊرائيورز، 46 ننڍي عمر وارا ڊرائيورز، 431 مسافر ۽ 160 پنڌ هلندڙ ماڻهو متاثر ٿيا. انگن اکرن مطابق 222 ٽريفڪ حادثن جون فون ڪالز لاهور ڪنٽرول روم کي مليون. جنهن ۾ لاهور 258 متاثرن سان پهرين،گوجرانوالا 80 حادثن ۾ 83 متاثرن سان ٻئي، فيصل آباد 76 حادثن ۾ 88 متاثرن سان ٽئين نمبر تي رهيو. واضح رهي انهن ٽريفڪ حادثن جي ڪل 1400 متاثرن ۾ 1144 مرد ۽ 256 عورتون شامل آهن.