ميونپسل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو جي ميئر ايڊووڪيٽ انور علي لهر جي صدارت ۾ اجلاس، عوامي ڀلائي جُون 13 رٿون اتفاق راءِ سان منظور

لاڙڪاڻو-27 جنوري (اي پي پي) ميونپسل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو عوامي ڀلائي جُون 13 رٿون اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتيُون آهن، ميونپسل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو جي ميئر ايڊووڪيٽ انور علي لهر چيو آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته هر مهيني هي اجلاس منعقد ڪريون ۽ خاص طور تي هر يونين ڪائونسل جا چيئرمين پابند آهن ته اهي پنهنجي يونين ڪائونسل ۾ اجلاس منعقد ڪن ته جيئن عوام جا بنيادي مسئلا ترجيحي …

لاڙڪاڻو-27 جنوري (اي پي پي) ميونپسل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو عوامي ڀلائي جُون 13 رٿون اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتيُون آهن، ميونپسل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو جي ميئر ايڊووڪيٽ انور علي لهر چيو آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته هر مهيني هي اجلاس منعقد ڪريون ۽ خاص طور تي هر يونين ڪائونسل جا چيئرمين پابند آهن ته اهي پنهنجي يونين ڪائونسل ۾ اجلاس منعقد ڪن ته جيئن عوام جا بنيادي مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ٿي سگھن. ميونپسل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو ماهوار اجلاس ميئر ميونسپل ڪارپوريشن ايڊووڪيٽ انور علي لهر جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. ان موقعي تي ميئر لاڙڪاڻو ڳالهائيندي چيو ته شهر جي صفائي سٿرائي لاءِ اسان ٽيمون مقرر ڪيون آهن ۽ اهي ٽيمون هر يونين ڪائونسل ۾ وڃي صفائي سٿرائي سان گڏوگڏ نالين جي کاٽي پڻ ڪنديون ته جيئن ان عمل کي بهتر کان بهتر بڻائي سگھجي. هن چيو ته اسان جي فائر برگيڊ ٽيم ۽ گاڏيون پڻ لاڙڪاڻي شهر سان گڏوگڏ ٻين ضلعن ۾ به بهتر کان بهتر خدمتون انجام ڏئي رهيون آهن ۽ سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ جي ٽيمن سان پڻ گڏجاڻي ڪنداسين ته جيئن صفائي جو عمل بهتر نموني ٿي سگھي. هن وڌيڪ چيو ته مان ڪجھ ڏينهن اڳ پريس ڪانفرنس ڪئي هئي جنهن ۾ شهر ۾ 18 کان 22 ڪلاڪن تائين ٿيندڙ لوڊشيڊنگ جو ذڪر ڪيو هو ۽ ان سبب اسان جي شهر جا ڊسپوزل نه ٿا هلن ۽ پاڻي صحيح نيڪال نه ٿو ٿئي، جنهن کانپوءِ سيپڪو جي ٽيم الرٽ ٿي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ يقين ڏياريو آهي ته اسان لوڊشيڊنگ گٽ ۾ گھٽ ڪنداسين جنهن سبب اسان انهن سان رابطي ۾ آهيون. ان موقعي تي هن ڪائونسل اجلاس ۾ موجود ميمبرن کي يقين ڏياريندي چيو ته اوهان جي هر يونين ڪائونسل ۾ صفائي سٿرائي جو ڪم بهتر انداز ۾ ڪرائي ڏينداسين ۽ ڀڳل ڪراسن مٿان سيمينٽ سان ٺهيل ڍڪ لڳرائي ڏينداسين ته جيئن پاڻي جي نيڪال ۾ آساني ٿئي.ان موقعي تي ڪائونسل جي ميمبرن طرفان اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو ته اسان جي علائقن ۾ نالن جي صفائي ڪرائي ڏني وڃي جن ۾ عاقل روڊ، مسڻ روڊ ۽ ٻيا علائقا شامل آهن ۽ اتي قائم غيرقانوني حددخليون پڻ ختم ڪرايون وڃن. اجلاس ۾ اقليتي ميمبرن مطالبو ڪندي چيو ته شهر جي مندرن کي سولرائيز ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ صفائي سٿرائي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن اقليتي برادري کي تڪليف درپيش نه اچي ۽ شهر ۾ قائم مسيحي ڪالوني ۾ اسٽريٽ لائيٽون پڻ لڳايون وڃن. اجلاس دوران اهو پڻ چيو ويو ته گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ وارن سان پڻ ڳالهايو وڃي. اجلاس ۾ تقريبن 13 رٿون پيش ڪيون ويون جيڪي اتفاق راءِ منظور ڪيون ويون،. اجلاس ۾ رٿون پيش ڪندڙن ۾ نعيم احمد تونيو، شهناز لغاري، آپا شبيران، سڌام چند آهوجا، شاهزيب ابڙو ۽ ٻيا پڻ شامل هئا. اجلاس ۾ ڊپٽي ميئر ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو محمد امين شيخ پڻ شرڪت ڪئي ۽ ان موقعي تي ميونسپل ڪارپوريش لاڙڪاڻي جي ڪجھ ملازمن جي وفات تي فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي.